اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اقليتي برادري کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ڪنهن به اقليتي شهري سان ناانصافي ٿي ته قانون حرڪت ۾ ايندو.
اسلام آباد ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت دوران وزيراعظم اقليتن جي حقن جي تحفظ جو عزم ورجايو ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ به ڪاٽيو.
خطاب ڪندي هن چيو ته قائداعظم جي فرمان موجب پاڪستان ۾ هندن، عيسائين ۽ سکن سميت سڀني اقليتن کي مذهبي آزادي حاصل آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ اسان سڀني جو آهي، هتي سڀني جا حق برابر آهن، اقليتن سان ڪنهن قسم جي زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعطم چيو ته مئي ۾ جڏهن پاڪ فوج فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ڀارت جا 7 جهاز ڪيرايا ته قوم کي ايئر ڪموڊور سيسل چوڌري ياد اچي ويو.
You might also like