اسلام آباد(م ڊ)وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله، چيو آهي ته سياست ۽ جمهوريت ڳالهين ذريعي اڳتي وڌن ٿيون، بندش يا ڊيڊ لاڪ ذريعي نه. هن چيو ته سياسي پارٽين کي مسئلن تي ڳالھائڻ لاءِ گڏ ويهڻ گهرجي.نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته وزيراعظم اڳ ۾ ئي چار ڀيرا تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي، پر باني پي ٽي آءِ مثبت جواب نه ڏنو.رانا ثناءالله وڌيڪ چيو ته عمران خان سياست نه پيو ڪري ،ڳالهيون ڪرڻ سندس پاليسي ۾ ناهي، هن چيو ته عمران خان ڳالهيون نه پر افراتفري چاهي ٿو،ان طرح حڪومت سان ڳالهيون ممڪن نه آهن.