ڪاڇي ۾ پراسرار فائرنگ جو واقعو، شاگرد مارجي ويو

دادو(رپورٽ: غوث جھتيال) ڪاڇي جي ڳوٺ مزاري مستوئي ۾ هڪ دل ڏڪائيندڙ واقعي ۾ پراسرار فائرنگ سبب پنجين ڪلاس جو شاگرد سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو وڌيڪ رت وهي وڃڻ سبب اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ مزاري مستوئي واسي 10 سالا نينگر حفيظ ولد محمد حنيف گبول اوچتو گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن بعد وارثن پاران زخمي ٻارڙي کي ترت دادو جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر (ڊي ايڇ ڪيو) اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر حالت نازڪ هئڻ ۽ گهڻو رت وهڻ سبب نينگر رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيوم اسپتال ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب ٻارڙي کي گردن ۾ گولي لڳل هئي، جيڪا ڪراس ڪري نڪتي هئي، جڏهن ته ٻارڙو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو، ٻار جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻارڙي جو والد سعودي ڪمائندو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جي اصل سببن بابت پوليس طرفان جاچ جاري، جڏهن ته پراسرار فائرنگ جا سبب اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.