محراب پور (عوامي آواز رپورٽ) محراب پور ۾ يو بئنڪ مان رقم ڪڍرائيندڙ هڪ شهري سان ڦرلٽ دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ متاثر شخص موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، فرار ٿيڻ دوران ڏوهارين پيڇو ڪندڙ هڪ ٻئي شخص کي به گولي هڻي زخمي ڪيو، جيڪو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، واقعي ۾ ٻن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ذريعن موجب قتل ٿيلن ۾ ٺري مير واهه جو رهواسي غلام شبير شر ۽ محراب پور جو عمران مغل شامل آهن، هڪ واٽهڙو نينگر زخمي ٿي پيو آهي، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا.