فوجي فرٽيلائزر ڪمپني عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ شامل

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پاڪستان جي قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي خريداري لاءِ ٻولي لڳائڻ واري عمل کان پوء فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) چيو آهي ته اها 75 سيڪڙو حصص لاءِ ڪامياب ٻولي لڳائيندڙ عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ شامل ٿيندي،بورڊ آف ڊائريڪٽرز منظوري ڏئي ڇڏي آهي،ايف ايف سي مارڪيٽ ڪيپ جي لحاظ سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي وڏي ڪمپني آهي،اها تقريباً 500 ارب رپين ماليت جي آهي،هڪ بيان ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز ڪارپوريشن لميٽڊ جو چوڻ آهي ته ٻولي جي 7.5 سيڪڙو رقم يعني 10.125 ارب رپيا پاڪستان سرڪار کي ملندا جڏهن ته باقي 92.5 سيڪڙو رقم يعني 124.875 ارب رپين جي پي آءِ اي سي ايل ۾ سيڙپڪاري ڪئي ويندي،پي آءِاي جي نئين مالڪ عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ بروڪريج هائوس عارف حبيب لميٽڊ،فاطمه فرٽيلائزر،سٽي اسڪول ۽ ليڪ سٽي هولڊنگز شامل آهن،ان ڪنسورشيم ۾ اي ڪي ڊي گروپ هولڊنگز به شامل آهي جڏهن ته فوجي فرٽيلائزر ڪمپني ان ۾ شموليت جو ارادو رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.