روس اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ هڪ ڏهاڪي دوران چنڊ تي هڪ بجلي گهر قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جنهن جو مقصد پنهنجي قمري خلائي پروگرام ۽ روس-چين جي گڏيل تحقيقي اسٽيشن کي توانائي فراهم ڪرڻ آهي.
تازي اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن وڏيون عالمي طاقتون ڌرتيءَ جي واحد قدرتي سياري جي ڳولا لاءِ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيون آهن.
سال 1961ع ۾ سوويت خلاباز يوري گاگارين جي خلا ۾ وڃڻ کانپوءِ روس پاڻ کي خلائي تحقيق ۾ پهرئين درجي جي طاقت سمجهندو رهيو، پر ويجهڙائي وارن ڏهاڪن ۾ هو ان شعبي ۾ آمريڪا ۽ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ چين کان پوئتي رهجي ويو آهي.
پرڏيهي خبر اداري موجب، روس جي سرڪاري خلائي ڪارپوريشن روسڪوسموس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو 2036ع تائين چنڊ تي هڪ پاور پلانٽ اڏڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ لاووچڪن ايسوسيئيشن نالي ايئرو اسپيس ڪمپني سان معاهدو به ڪيو ويو آهي.
روسڪوسموس موجب، پاور پلانٽ جو مقصد روس جي قمري پروگرام کي توانائي فراهم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ قمري روورز، هڪ فلڪياتي دوربين ۽ روس-چين جي گڏيل انٽرنيشنل لونر ريسرچ اسٽيشن جو بنيادي ڍانچو شامل آهي.
روسڪوسموس پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته هي منصوبو هڪ مستقل طور تي فعال سائنسي قمري اسٽيشن جي قيام ۽ وقتي مشنز سان ڊگهي مدي واري قمري تحقيقي پروگرام جي منتقلي ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.
جيتوڻيڪ روسڪوسموس واضح طور تي اهو ناهي چيو ته هي پاور پلانٽ جوهري هوندو، پر ان ٻڌايو ته منصوبي ۾ روس جي سرڪاري جوهري ڪارپوريشن ”روس ايٽم“ ۽ ملڪ جو ساکائتو تحقيقي ادارو ڪرچاتوف انسٽيٽيوٽ پڻ شامل آهي، جنهن سان ان منصوبي جي جوهري نوعيت جو اشارو ملي ٿو.