پرڏيهي ڪوچ کي ڌمڪيون ڏيندڙ بي جي پي اڳواڻ جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ، معافي گهري ورتائين

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دهلي ۾ ڀارتي جنتا پارٽي جي ڪائونسلر رينو چوڌري آفريقي فٽبال ڪوچ کي هندي سکڻ جي ڌمڪي تي معافي گهري ورتي.
سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ ۽ سخت تنقيد کانپوءِ رينو چوڌري چيو ته منهنجو مقصد ڪنهن جا جذبا مجروح ڪرڻ نه هو.
بي جي پي دهلي طرفان طلب ڪرڻ کانپوءِ رينو چوڌري هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته ايم سي ڊي جو پارڪ ٻارن جي کيڏڻ ۽ ڪوچنگ حاصل ڪرڻ لاءِ آهي، اتي جيڪي به سهولتون گهربل هونديون فراهم ڪنداسين، جيڪڏهن منهنجي ڳالهائڻ سان ڪنهن کي تڪليف پهتي آهي ته معافي ٿي گهران، مون کي اميد آهي ته ٻار پارڪ ۾ کيڏندا رهندا.
واضح رهي ته ان کان اڳ هڪ وڊيو منظر تي آئي هئي، جنهن ۾ دهلي جي ايم سي ڊي پارڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڏکڻ آفريقي فٽبال ڪوچ کي هندي نه سکڻ تي ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي ڪائونسلر ڌمڪيون ڏئي رهي هئي.
رينو چوڌري پرڏيهي ڪوچ کي سختي لهجي ۾ چيو ته هو ڊگهي عرصي کان ڀارت ۾ رهڻ باوجود هندي ڇو نه سکي سگهيو آهي؟ جيڪڏهن هتان پيسو کائي رهيا آهيو ته هندي ڳالهائڻ به سکو، جيڪڏهن پارڪ استعمال ڪرڻو آهي ته هندي سکي اچو، ٻي صورت ۾ پارڪ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.