رڳون ڇو اُڀريل هونديون آهن، اها ڪا بيماري ته ناهي؟ ڄاڻيو

ڪجهه ماڻهن کي اڀريل رڳون ڏسي ڳڻتي ٿيندي آهي ۽ پريشان ٿي ويندا آهن، ڇو ته گهڻي قدر ماڻهن جو اهو خيال هوندو آهي ته اڀريل رڳون وڏي عمر جي نشاني آهن.
حقيقت ۾ هٿن جي رڳن جو گهڻو ٿلهو هجڻ ڪنهن به بيماري جي ڪري ناهي هوندو ۽ هر ماڻهو جي هٿن ۾ ڪنهن حد تائين رڳون اڀريل هونديون آهن، اها هڪ عام ڳالهه آهي پر ڪجهه ماڻهن کي پريشاني ٿيندي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو تاثر وچولي عمر جي عورتن ۾ وڌيڪ ڏٺو وڃي ٿو، ڇو ته انهن کي عمر وڌڻ جو وڌيڪ احساس ٿئي ٿو.
ڪجهه مردن کي به لڳي ٿو ته هٿن ۾ رڳن جو اڀرڻ عمر ۾ واڌ جي نشاني آهي.
ماهرن موجب مردن جي هٿن جون رڳون عورتن کان وڌيڪ ٿلهيون هونديون آهن.
سوال اهو هي ته هٿن ۾ رڳون ڇو وڌيل هونديون آهن؟ اهو صحت مند ۽ فٽنيس ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ به ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي انهن ماڻهن ۾ جيڪي لڳاتار ورزش ڪن ٿا، جڏهن هٿن ۾ چرٻي گهٽ ٿئي ٿي، تڏهن رڳون وڌيڪ ٿلهيون ٿي سگهن ٿيون.
جڏهن ماڻهو پوڙهائپ ڏانهن وڌڻ لڳندا آهن، تڏهن هٿن ۾ رڳون وڌيڪ واضح ٿي وڃن ٿيون.
جيڪڏهن توهان ٿولهه جو شڪار آهيو ته چرٻي انهن رڳن کي دٻائي ڇڏيندي آهي، جنهن ڪري اهي نظر ناهن اينديون.
ڇا رڳن کي اڀرڻ کان روڪي سگهجي ٿو؟
جيڪڏهن هٿن ۾ رڳون عمر وڌڻ سبب وڌيڪ نمايان ٿي رهيون آهن ته انهن کي روڪڻ ممڪن ناهي، عمر وڌڻ سان هٿن ۾ رڳون هوريان هوريان ظاهر ٿينديون آهن.
ورزش يا چرٻي گهٽ هجڻ سبب جيڪڏهن رڳون نمايان ٿين ٿيون ته اهي ختم ڪري سگهجن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.