مڙس جو قتل: زال کي عمر قيد، محبوب کي مرڻ تائين ڦاهيءَ تي ٽنگڻ جو حڪم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ مڙس جي قتل ڪيس ۾ قاتل زال کي عمر قيد، جڏهن ته سندس محبوب کي موت جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جج ناديا اڪرام ملڪ قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، عدالت قاتل زال ثانيا کي عمر قيد ۽ 4 لک رپيا ڏنڊ، جڏهن ته ان جي محبوب جنيد ڀٽي کي موت جي سزا ۽ 4 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت چيو ته جوابدار جنيد کي تيستائين ڦاهي تي ٽنگيو وڃي، جيستائين هو مري نه وڃي.
واضح رهي ته صادق آباد پوليس 27 اپريل 2025 تي ڪيس داخل ڪيو هو، ٻنهي جوابدارن جنيد ۽ ثانيا کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.