ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي علائقائي ون ڊي ٽورنامينٽ ”وجئه هزاري ٽرافي“ ۾ بهار جي ٽيم لسٽ اي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسن جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو، جڏهن ته ميچ دوران بهار جي 14 ورهين جي بيٽر ويڀوَ سوريا ونشي رڳو 36 بالن تي سينچري ٺاهي ڪيئي رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيا.
اربع ڏينهن اروناچل پرديش خلاف بهار جي بيٽرن رڳو ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي مقرر 50 اوورن ۾ 574 رنسون ٺاهي لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪيو.
بهار جي ويڀوَ سورياونشي 84 بالن تي 190 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي، بهار جي ڪپتان ثاقب الغني 40 بالن تي 128، ايوش لوهاروڪا 56 بالن تي 116 رنسون ٺاهيون.
ميچ دوران ويڀوَ سوريا ونشي 36 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، هن 59 بالن تي 150 رنسون مڪمل ڪري اڳوڻي ڏکڻ آفريقي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز جو عالمي رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو.
ان ميچ ۾ ويڀو 84 بالن تي 190 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، سندس اننگز ۾ 16 چوڪا ۽ 15 ڇڪا شامل هئا.
واضح رهي ته ڊسمبر 2024ع ۾ ڊيبيو کانپوءِ ويڀو سورياونشي جي لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ اها ستين ميچ هئي.
ويڀو سورياونشي هلندڙ سال اپريل ۾ ان وقت ڪرڪيٽ جي دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو جڏهن هن انڊين پريميئر ليگ ۾ پهرئين ئي بال کي بائونڊري لائين پار پهچائي ڇڏيو.
هن آءِ پي ايل ۾ گجرات ٽائٽنز خلاف راجسٿان جي نمائندگي ڪندي 35 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، جيڪا 2013ع ۾ ڪرس گيل جي 30 بالن تي سينچري کانپوءِ آءِ پي ايل جي تاريخ جي ٻي تيز ترين سينچري هئي، اهڙيءَ طرح هو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان ننڍي عمر ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ بيٽر بڻجي ويو.
نوجوان بيٽر جي شاندار ڪارڪردگي تي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سچن ٽنڊولڪر سوشل ميڊيا تي لکيو هو ته ” ويڀوَ بي ڊپو، وقت تي شاٽس جي چونڊ ۽ بيٽ گهمائڻ جو طريقو ناقابلِ يقين آهي.“
يوراج سنگهه به سندس واکاڻ ڪندي چيو هو ته” ويڀوَ سوريا ونشي…! هي نالو ياد رکجو، 14 ورهين جي عمر ۾ دنيا جي ٽاپ بالرن کي للڪارڻ يقين نه ٿو اچي.“
ان ميچ کانپوءِ ويڀو چيو هو ”منهنجو خواب هو ته مان آءِ پي ايل ۾ سينچري ٺاهيان. مان بالر کي نه، بال کي ڏسندو آهيان.“
جولاءِ ۾ ويڀو سورياونشي يوٿ ون ڊي انٽرنيشنل ۾ تيز ترين سينچري ٺاهي، هن 78 بالن تي 143 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڀارت انگلينڊ کي 55 رنسن تان شڪست ڏني.
چئن مهينن کانپوءِ ويڀو ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز ۾ گڏيل عرب امارتن خلاف 32 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، جيڪا ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ پنجين تيز ترين سينچري هئي، ان ميچ ۾ سورياونشي 42 بالن تي 144 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.