اماراتي صدر 26 ڊسمبر تي سرڪاري دوري تي پاڪستان ايندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي گڏيل عرب امارتن جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان 26 ڊسمبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب اهو سندس گڏيل عرب امارتن جي صدر جي حيثيت سان پاڪستان جو پهريون دورو هوندو، دوري جي موقعي تي هو وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد سان گڏ هوندو، اماراتي صدر وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اهو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ مضبوط ٻه طرفن لاڳاپن جي گهرائي جي عڪاسي ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.