طلاق جو نوٽيس موڪلڻ تي مڙس زال کي قتل ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر بينگلورو ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مڙس طلاق جو نوٽيس موڪلڻ تي زال کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب جوڙي ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي، مڙس بالا موروگن زال ڀونيشوري کي طلاق جو نوٽيس موڪلڻ تي ماري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هن پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
40 ورهين جو جوابدار سافٽ ويئر انجنيئر هو، جيڪو اڳ ۾ هڪ پرائيويٽ فرم ۾ ڪم ڪندو هو پر گذريل 4 سالن کان بيروزگار هو، جڏهن ته سندس سال 39 ورهين جي ڀونيشوري يونين بينڪ آف انڊيا ۾ اسسٽنٽ مينيجر هئي.
جوڙي 2011 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کين ٻن ٻارن جو اولاد هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.