آءِ فون شوقين لاءِ خوشخبري آهي ته ڪمپني طرفان ايندڙ فليگ شپ فون يعني آءِ فون 18 وقت کان اڳ متعارف ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
آمريڪي رسالي فوربز ۾ ڇپيل رپورٽ موجب، ايندڙ فليگ شپ آءِ فون 18 وقت کان اڳ 2026ع جي شروعات ۾ لانچ ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي، ته ان جو مطلب آهي ته آءِ فون جي آمد ۾ هاڻي رڳو ڪجهه هفتا ئي باقي آهن.
واضح رهي ته راويتي طور ايپل پنهنجا آءِ فون سيپٽمبر ۾ متعارف ڪرائيندو آهي ۽ اهو سلسلو 2011ع کان جاري آهي.
ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ نائن ٽو فائيو ميڪ موجب، اميد آهي ته ايندڙ سال آءِ فون 18 کي آءِ فون 17 اِي سان بهار جي مند ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته آءِ فون 18 جا پرو ماڊلز معمولي طور سيپٽمبر ۾ ئي متعارف ڪرايا ويندا.
You might also like