ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڀارتي پروپيگينڊا فلم ” ڌُرنڌَر“ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۾ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي.
پوليس اڱاري ڏينهن ڪراچي جي مقامي عدالت کي آگاهه ڪيو ته بالي ووڊ فلم” ڌُرنڌَر“ جي هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪارن خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي جي مبينا بدنامي جي الزام هيٺ فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ قانوني طور تي ممڪن ناهي ڇو ته درخواست گذار الزامن تصديق ۾ ناڪام رهيو، انڪري ڪيس ٺهي ئي نٿو.
ميڊيا رپورٽن موجب، پ پ ڪارڪن محمد عامر کوسو بالي وڊ فلم ڌُرنڌَر جي هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ ٻئي عملي خلاف ايف آءِ آر جي درخواست داخل ڪئي هئي.
درخواست جي جواب ۾ ڪراچي جي درخشان ٿاڻي جي ايس ايڇ او عدالت کي آگاهه ڪيو ته انڪوائري دوران پوليس کي پتو پيو هڙئي نامزد جوابدار ڀارتي شهري آهن ۽ پاڪستان ۾ سندن ڪا به رهائشي، ڪاروباري يا قانوني موجودگي ناهي.
هن عدالت کي ٻڌايو ته ” تڪراري فلم ڀارت ۾ ٺهي ۽ سمورا مبينا قدم پاڪستان جي علائقائي حدن کان ٻاهر ڪيا ويا، اهڙو ڪو به مواد يا ثبوت موجود ناهي، جيڪو ظاهر ڪري ته فلم جي نمائش، ترسيل يا دستيابي پاڪستان ۾ ٿي.“
ايس ايڇ او موجب، درخواست گذار اهو به ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته درخشان ٿاڻي جي حدن يا مجموعي طور تي پاڪستان ڪنهن علائقي ۾ ڪارروائي جوڳو ڏوهه ٿيو.
پوليس جو موقف آهي ته علائقائي دائري ۽ قانوني گهرجن جي غير موجودگي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ نه ضروري آهي ۽ نه ئي قانوني طور جائز آهي.
You might also like