معروف اسپورٽس فوٽوگرافر ۽ فٽبال شوقين مالينا ماريا گولر 27 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، رومانيا سان واسطو رکندڙ مشهور اسپورٽس فوٽوگرافر مالينا ماريا گولر ڀاڙي تي ورتل هڪ اپارٽمينٽ جي ستين ماڙ تان ڪِري فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس موت جا ڪارڻ ۽ واقعي بابت لاڳاپيل اختيارين طرفان اڃا تائين ڪو به باضابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، گولر ڪجهه ذاتي مسئلن کي منهن ڏئي رهي هئي، سندس پيءُ جي شديد بيماري سميت هوءَ پاڻ به ڊگهي عرصي کان ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙي رهي هئي.
رپورٽن موجب، رومانيا جي فٽبال ڪلب ايف سي بيهور اوراڊيا سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي، جنهن سان هوءَ 2023ع ۽ 2024ع جي سيزن دوران پروفيشنل فوٽو گرافر طور واڳيل رهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايف سي بيهور اوراڊيا ڪلب مالينا ماريا گولر جي موت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مالينا 2023ع ۽ 2024ع واري سيزن ۾ ڪلب سان سلهاڙيل رهي ۽ هن پنهنجي پروفيشنل مهارت ۽ لڳاءَ ذريعي هن تاريخي سفر جي لمحن ۽ جذبن کي نهايت خوبصورتي سان محفوظ ڪيو.
You might also like