سريلنڪا جي دوري لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ نوجوانن کي آزمائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ(سليڪٽرن ايندڙ سال جي شروعات ۾ سريلنڪا جي دوري لاءِ پاڪستان ٽيم جي چونڊ بابت غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ جنوري جي پهرئين هفتي کان ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي.
سيريز جي پهرين ميچ 7 جنوري، ٻي 9 جنوري ۽ ٽين 11 جنوري تي دمبولا ۾ ٿيندي، ان سلسلي ۾ سليڪٽرن رانديگرن جي چونڊ بابت صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
فٽنيس مسئلن مان ڇوٽڪارو ماڻڻ کانپوءِ بِگ بيش ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاداب خان کي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ موقعو ملڻ جو امڪان آهي.
شاهين آفريدي، بابر اعظم، حارث رئوف، محمد رضوان ۽ حسن علي کي بِگ بيش ليگ جون مڪمل ميچون کيڏڻ لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن جاءِ تي ان دوري لاءِ عبدالصمد ۽ معاذ صداقت سميت علائقائي ڪرڪيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوان رانديگرن جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.
پي سي بي کي 6 جنوري کان اڳ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ شروعاتي رانديگرن جي فهرست به موڪلڻي آهي، جنهن ۾ پهرين فيبروري تائين ڦيرڦار ڪري سگهج ٿي.
واضح رهي ته ڀارت ۽ سريلنڪا ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ پنهنجي پنهنجي ٽيمن جو اعلان ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.