طرابلس (ويب ڊيسڪ) ليبيا جو آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل محمد علي احمد الحداد ترڪيا ۾ جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
حادثي ۾ ليبيا جي بري فوج جو چيف آف اسٽاف، فوجي صنعتن جو ڊائريڪٽر، چيف آف اسٽاف جو صلاحڪار ۽ فوٽوگرافر به فوت ٿي ويا.
جهاز انقرا ايئرپورٽ کان رات 8 لڳي 10 منٽن تي اڏام ڀري، 40 منٽن کانپوءِ جهاز جو ريڊار سان رابطو ڪٽجي ويو، 8 لڳي 52 منٽن تي مي ڊي ڪال ڏني وئي، جهاز واپسي جي ڪوشش ڪئي ۽ هنگامي لينڊنگ دوران انقرا ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو.
فوتين ۾ بري فوج جو چيف آف اسٽاف الفتوري غريبل، فوجي صنعتن جو ڊائريڪٽر محمود القتيوي، چيف آف اسٽاف جو صلاحڪار محمد الاساوي دياب ۽ چيف آف اسٽاف جو فوٽوگرافر محمد عمر احمد به شامل آهن.
شروعاتي رپورٽن موجب حادثو ظاهري طور ٽيڪنيڪي خرابي سبب پيش آيو.
ترڪ گهرو وزارت موجب جهاز جو ملبو ۽ لاش ملي ويا آهن ۽ حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ليبيا جي وزيراعظم عبدالحميد دبيبا تصديق ڪئي ته اهو حادثو ترڪيا جي سرڪاري دوري تان واپسي دوران پيش آيو، آرمي چيف محمد علي احمد الحداد وفد سميت فوت ٿي ويو آهي.
You might also like