وجئه هزاري ٽرافي: بهار جي ڪپتان ثاقب الغني جي 32 بالن تي سينچري، ڪيئي رڪارڊ چٽ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي علائقائي ون ڊي ٽورنامينٽ ”وجئه هزاري ٽرافي“ ۾ تيز ترين سينچري جو نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو.
اربع ڏينهن وجئه هزاري ٽرافي ۾ بهار جو مقابلو اروناچل پرديش سان ٿيو، جنهن دوران بهار جي ڪپتان ثاقب الغني جارحاڻي اننگز کيڏندي رڳو 32 بالن تي تيز ترين سينچري اسڪور ڪئي.
ان سان گڏوگڏ ثاقب الغني لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سينچري ٺاهيندڙ ڀارتي بيٽر پڻ بڻجي ويو، جڏهن ته اها لسٽ اي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ٽين تيز ترين سينچري آهي.
بهار جي ڪپتان ثاقب الغني اروناچل پرديش خلاف 40 بالن تي 128 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو، سندس اننگز ڏهه چوڪا ۽ ٻارنهن ڇڪا شامل هئا.
ان کانسواءِ ويڀوَ سوريا ونشي 84 بالن تي 190 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ايوش لوهاروڪا 56 بالن تي 166 رنسون ٺاهيون.
اهڙي ريت بهار جي ٽيم لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ 50 اوورن اندر سڀ کان وڌيڪ 574 رنسون ٺاهي عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
واضح رهي ته لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سينچري جو عالمي رڪارڊ آسٽريليا جي جيڪ فريزر مڪ گروڪ وٽ آهي، جنهن 2023ع ۾ 29 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.