اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ليڊر جي سياسي ڊي اين اي ۾ ڳالهين جي ڪا گنجائش ناهي، عمران خان سڄي زندگي پنهنجي ذاتي مفاد تي فوڪس ڪيو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته وزيراعظم مسلسل پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏئي رهيو آهي، الله ڪري هاڪاري ڳالهيون ٿين ۽ نتيجو نڪري.
هن چيو ته ڳالهيون ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي ڪيون وينديون آهن پر عمران خان ڪو اصول پرست شخص ناهي، هو 200 سيڪڙو مفاد پرست شخص آهي، هو ذاتي فائدي لاءِ اصول ۽ انساني رشتا سڀني لتاڙي سگهي ٿو.
You might also like