حڪومت ملڪ جا سمورا اثاثا وڪڻي رهي آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) پي آءِ اي جي نجڪاري جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڄام تماچي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت ملڪ جا سمورا اثاثا وڪڻي رهي آهي.  ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ يرغمال بڻايو ويو آهي. هڪڙي پاسي پي آئي اي سميت مختلف عوامي ادارا وڪرو ڪيا پيا وڃن ته ٻي طرف ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪمپنين کي ڏني پئي وڃي. سنڌ سميت ملڪ جون زمينون مقامي هارين کي ڏيڻ بدران ڪمپنين کي ڏيڻ عوام دشمني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.