اسلام آباد(بيورو) عارف حبيب گروپ جي چيئرمين عارف حبيب چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي ڪاميابي ٿي آهي، ۽ اسان پي آءِ اي کي ٻيهر عظيم بڻائڻ لاءِ محنت ڪنداسين.”اسلام آباد ۾ عارف حبيب ڪنسورشيم طرفان قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي خريد ڪرڻ لاءِ 135 ارب رپين جي ڪامياب بولي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف حبيب چيو ته،اڄ جي نجڪاري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي ۽ ٻاهرين ملڪن مان سيڙپڪار به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندا.”عارف حبيب چيو ته،حڪومتِ پاڪستان بولي جو ڪامياب انعقاد يقيني بڻايو، جڏهن ته پرائيويٽائيزيشن ڪميشن ۽ ڪابينا کي به هن سموري عمل جو ڪريڊٽ وڃي ٿو.”هن وڌيڪ چيو ته،اسان هن ايئر لائن کي ٻيهر عظيم بڻائڻ لاءِ پوري محنت ڪنداسين، نجڪاري جا وڌيڪ رستا کلي ويندا. هن چيو ته پي آءِ اي جي بحالي پهرين ترجيح هوندي آهي،اميد آهي ته فوجي فرٽيلائزر ان عمل ۾ اسان سان گڏ هوندو،مضبوط ڪنسورشيم آهي.