پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف ملازمن جو هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) جي هيڊ آفيس جي ٻاهر ملازمن طرفان نجڪاري خلاف احتجاج شروع ٿي ويو۔احتجاج ۾ پي آءِ اي جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، جن نجڪاري جي فيصلي خلاف شديد نعره بازي ڪئي۔ملازمن جو چوڻ آهي ته، پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ بولي جي عمل شروع ٿيڻ سان ئي انهن جي تحفظات وڌي ويا۔ مظاهرين پلي ڪارڊ ۽ بينر پڻ کڻي آيا هئا، جن تي نجڪاري خلاف نعرا لکيل هئا ۽ حڪومت کان فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ ملازمن جو موقف آهي ته نجڪاري سبب هزارين ملازمن جي روزگار کي خطرو ٿي سگهي ٿو، ۽ قومي ادارو وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ملڪ ۽ اداري ٻنهي جي مفاد ۾ ناهي۔ مظاهرين مطالبو ڪيو ته پي آءِ اي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارا آندا وڃن، نه ته ان کي نجي شعبي جي حوالي ڪيو وڃي۔ياد رهي ته ان کان اڳ پڻ ڪراچي ۾ گذريل رات بلاول هائوس چورنگي تي پيپلز يونٽي جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.