اسلام آباد(سهيل وڙائچ )اهو نٿو لڳي ته ڪنهن به مفاهمتي ڪوشش جو مطلب اهو ٿيندو ته عمران خان جيل مان آزاد ٿي ويندو، يا هو کلي طرح اپوزيشن ليڊر بڻجي ويندو، يا پي ٽي آءِ آزادي سان عملي سياست ۾ حصو وٺندي. ممڪن آهي ته عمران خان وڌ ۾ وڌ بني گالا منتقل ٿي وڃي، هو ۽ سندس پارٽي موجوده سسٽم کي قبول ڪن، اسيمبلي جو مؤثر حصو بڻجن، ۽ معيشت يا سياست جي رستي ۾ رڪاوٽون نه وجهن. مفاهمت جي حد ايتري ئي آهي.جيڪڏهن پي ٽي آءِ اها حد پهرين ڏينهن قبول ڪري وٺي ها، ته تڏهن به مفاهمت ممڪن هئي، ۽ اڄ به ايتري ڇڪتاڻ کان پوءِ به ممڪن آهي. ان کان وڌيڪ مفاهمت جي گنجائش ان ڪري ناهي جو جيڪڏهن اتحادي حڪومت ٿوري به وڌيڪ رعايت ڏئي، ته سندن حڪومت قائم نٿي رهي سگهي. ڪو به پنهنجي حڪومت پاڻ ختم نٿو ڪري.ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي موقف تان پوئتي نٿي هٽي سگهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ پي ٽي آءِ جو ڪردار ناهي، يا عمران خان تي لڳل سڀ الزام غلط هئا. ان ڪري بنيادي شرط اهو ئي آهي ته توهان سسٽم کي قبول ڪريو، پنهنجون غلطيون مڃو ۽ سسٽم جو حصو بڻجو. تڏهن ئي ڪا نرمي يا آساني ممڪن آهي،ٻئي پاسي .تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ محمود اچڪزئي ۽ مصطفيٰ نواز کوکر جي نيت شايد سٺي هجي، پر لڳي ٿو ته هي تحريڪ خالص يا آئيني جمهوريت بدران وري “عمراني جمهوريت” آڻڻ ٿي چاهي. جڏهن ته ان جا زخم اڃا تازا آهن، تنهن ڪري اهڙي تحريڪ کي مقبوليت ملڻ مشڪل لڳي ٿي.عمران خان جي دور ۾ اپوزيشن لاءِ ڪا گنجائش نه هئي؛ زرداري ، شاهد خاقان عباسي، نواز شريف، شهباز شريف سڀ جيلن ۾ هئا. سوال اهو آهي ته ڇا ساڳيو رويو ٻيهر نه ورجايو ويندو؟ ڇا ان جي ڪا ضمانت ڏني وئي آهي؟ميڊيا سان عمران خان جي دور ۾ جيڪو ورتاءُ ٿيو، اهو به سڀني کي ياد آهي،سياست مفاهمت سان هلندي آهي، پر عمران خان ڪڏهن به ٻين سياستدانن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه رهيو. 2018 جي اليڪشن کان پوءِ اپوزيشن اسيمبلي ۾ ويٺي، پر عمران خان ڪڏهن گڏيل اجلاس ۾ ويو؟ ڪڏهن هٿ ملايا؟ ڪڏهن ڳالهه ٻولهه ڪئي؟ نه. ڇا هاڻي ان رويي ۾ تبديلي جي ڪا ڳالهه ٿي آهي؟چيو پيو وڃي ته عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري سان به ملاقات ڪئي وڃي. پر سوال اهو آهي ته انهن وٽ ڪهڙو مينڊيٽ آهي؟ ڇا طئي ڪيو ويو آهي؟ ڪهڙيون ضمانتون آهن؟ بغير انهن ڳالهين جي، اهڙا مطالبا بي نتيجا لڳن ٿا.سچ اهو آهي ته اڄ به ڪيترن کي پي ٽي آءِ سان ٿيندڙ ناانصافي نظر اچي ٿي، پر ماڻهن کي اهو به ياد آهي ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ ٻين سان ڇا ڪيو.زخم ڀرڻ ۾ وقت لڳندو آهي. پي ٽي آءِ کي پنهنجي غلطين جو جائزو وٺڻو پوندو. جيڪڏهن اهو سمجهيو وڃي ته “اسان صحيح هئاسين ۽ وري به اهو ئي ڪنداسين”، ته اهو خيال خام آهي. بغير انقلاب جي، اهڙو رستو ممڪن ناهي.هاڻي رستو رڳو اهو آهي ته ڳالهين، مفاهمت ۽ جدوجهد ذريعي پنهنجي سياست کي ٻيهر مستحڪم ڪيو وڃي.