مريم نواز توشاخانا مان گاڏي کنئي، ان تي ڪارروائي ڇو نه ٿي؟ عليما خان

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ عليما خان چيو آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي توشا خانا ڪيس ۾ 17 سال قيد جي سزا ڏني وئي، جڏهن ته مريم نواز توشا خانا مان ورتل گاڏي بابت جواب نه ڏئي سگهي، جيڪو قانون سان مذاق آهي. دهشتگردي خاتمي واري عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته باني پي ٽي آءِ خلاف ڪيس ڪوڙا ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل آهن. عليما خان موجب باني هميشا رول آف لا جي ڳالهه ڪئي، پر جيڪو جج قانون جي ڳالهه ڪري ٿو ان کي دٻايو وڃي ٿو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ قوم لاءِ هر قرباني قبول ڪرڻ جو پيغام موڪليو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪي چون ٿا ته ڳالهيون ڪريو، اهي پي ٽي آءِ باني جا ساٿي ناهن. وڪيل فيصل ملڪ چيو ته عليما خان خلاف ڪيس ۾ ڪو به مضبوط ثبوت ناهي ۽ عدالت ۾ بريت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.