ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) ڪراچي جي آگره تاج حنفيه مسجد جي ويجهو هڪ رهائشي گهر مان 14 ورهين جي نينگري جو ڦاهو لڳل لاش مليو، فوت ٿيل نينگري جي سڃاڻپ هاديه جي نالي سان ٿي، شروعاتي جاچ موجب نينگري گهر اندر پاڻ کي ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي وارثن قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي، جنهن سبب لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس موجب واقعي جي حتمي سببن بابت جاچ جاري آهي ۽ هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته نينگري اهڙو قدم ڇو کنيو، واقعي کان پوءِ پاڙي وارن ۾ پڻ ڳڻتي پکڙجي وئي، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ بعد حقيقتون سامهون آڻڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.