2023 واري ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ ڪرڪيٽ تان ارواح ئي کَڄي ويو هو: روهت شرما

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سينيئر بيٽر روهت شرما چيو آهي ته ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ هن رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪري ورتو هو.
روهت شرما جو انٽرنيشنل ڪيريئر هن وقت آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
هن 2024ع ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽڻ کانپوءِ مختصر فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته هلندڙ سال مئي مهيني ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي به الوداع چئي ڇڏيو.
هن وقت روهت شرما رڳو ون ڊي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي ۽ سندس موجودگي مداحن لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، پر ڪيترن مداحن لاءِ اهو ڄاڻي حيرت لڳندي ته 2023ع جي عالمي ڪپ ۾ آسٽريليا کان فائنل ۾ شڪست کانپوءِ هو هر فارميٽ تان رٽائرمينٽ بابت سوچي رهيو هو.
نئين دهلي ۾ هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي روهت شرما چيو ته هڪ وقت هو جڏهن هن جي زندگيءَ جو رُڳي هڪ ئي مقصد هو ۽ اهو مقصد هيو ڀارت لاءِ ورلڊ ڪپ کٽڻ.
هن چيو ته 2023ع واري ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ شڪست کيس ڏاڍو ڏکارو ڪيو، ٽورنامينٽ کانپوءِ هن رٽائرمينٽ جو پڪو فيصلو ڪري ورتو هو.
واضح رهي ته روهت شرما جي قيادت هيٺ ڀارت 19 نومبر 2023ع تي آسٽريليا سان ورلڊ ڪپ فائنل کيڏيو، جتي ڀارتي ٽيم کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ آسٽريليا ڇهون ڀيرو عالمي ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
پر جيئن مشهور چوڻي آهي ته هر اونداهي رات کانپوءِ سوجهرو ضرور ايندو آهي، روهت شرما جي ڪيريئر ۾ به ائين ئي ٿيو.
19 نومبر واري شڪست جي ستن مهينن بعد 29 جون 2024ع تي، سندس ڪپتاني ۾ ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي ستن رنسن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي عالمي چيمپيئن بڻيو.

ڇا روهت شرما 2027ع وارو ورلڊ ڪپ کيڏندو؟
ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تان رٽائرمينٽ باوجود روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو 2027ع ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو خواهشمند آهي.
روهت شرما هن وقت 38 ورهين جو آهي ۽ گذريل 18 سالن کان ڀارت جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، هن وقت هو پنهنجي فٽنيس تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ته جيئن ميگا ايونٽ لاءِ پهرين چونڊ طور موجود رهي.
سندس موجوده بيٽنگ فارم شاندار آهي، هن 2025ع دوران ڪيتريون ئي يادگار اننگز کيڏيون آهن.
هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا هو 2026ع ۾ به اهڙي ئي ڪارڪردگي برقرار رکي سگهندو؟ ۽ ڇا اسان کيس 2027ع واري ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي ڏسي سگهنداسين؟ سو انهن سڀني سوالن جا جواب رڳو وقت ئي ڏئي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.