5 ڪاروباري گروپن جو بلوچستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 5 ڪاروباري گروپن بلوچستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اها اڳڀرائي ماڙي منرلز ۽ گلوبا ڪورمنرلز وچ ۾ جوائنٽ وينچر معاهدي کانپوءِ سامهون آئي آهي.
معاهدي تحت گلوبا ڪورمنرلز لميٽيڊ بلوچستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي.
چاغي ۾ سون ۽ ٽامي سميت معدنيات جي ڳولا ۾ سيڙپڪاري ڪئي ويندي.
اڳوڻي وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو ته معدني ترقي سان ئي ملڪ ۾ ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.