سال 2025: ڪراچي ۾ ڪيترا روڊ حادثا ۽ ڪيترا ماڻهو فوت ٿيا؟ انگ اکر جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽريفڪ پوليس طرفان سال 2025 دوران پيش آيل ٽريفڪ حادثن بابت سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي.
رپورٽ موجب پهرين جنوري کان 18 ڊسمبر تائين شهر ۾ 741 حادثا رپورٽ ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ 794 ماڻهو فوت ٿي ويا.
انگن اکرن موجب مختلف قسمن جون گاڏيون انهن حادثن ۾ ملوث رهيون، جن ۾ بسون، ٽرڪون، ٽرالر، ڊمپر، واٽر ٽينڪر، موٽر سائيڪلون، ڪارون ۽ اڻڄاتل گاڏيون شامل آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان موٽر سائيڪل حادثن ۽ اڻڄاتل گاڏين سان پيش آيل واقعن ۾ ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.