افغانستان جو پنهنجي ٽي ٽوئنٽي ليگ ڪرائڻ جو اعلان، ٽورنامينٽ بابت تفصيل جاري

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) نئين ٽي ٽوئنٽي ليگ ”افغانستان پريميئر ليگ“ جو اعلان ڪري ڇڏيو .
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، افغانستان پريميئر ليگ جي افتتاحي سيزن ۾ 5 شهرن تي ٻڌل فرنچائزز شامل هونديون،
ليگ ۾ افغانستان جي نمايان قومي رانديگرن سان گڏوگڏ عالمي اسٽارز ۽ اُڀرندڙ مقامي ٽيلنٽ پڻ شامل ڪيو ويندو.
اي سي بي طرفان ٽورنامينٽ جو پهريون سيزن آڪٽوبر 2026 ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرائڻ جو منصوبو رٿيو آهي، جڏهن ته پليئر ڊرافٽ يا آڪشن جون يا جولاءِ 2026 ۾ متوقع آهي.
واضح رهي ته افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ان کان اڳ ۾ 2018 جي شروعات ۾ به افغانستان پريميئر ليگ جي نالي سان ٽورنامينٽ شروع ڪئي، پر ان ليگ جو رڳو هڪ سيزن کيڏيو ويو.
ان ايڊيشن ۾ ڪرس گيل، برينڊن ميڪلم، شاهد آفريدي سميت ڪيئي عالمي شهرت يافته رانديگرن حصو ورتو، پر فيس جي ادائيگين ۽ ليگ جي شفافيت سان لاڳاپيل خدشن سبب ان کي بند ڪيو ويو.
ياد رهي ته افغانستان هر سال جولاءِ کان آگسٽ دوران پنهنجي علائقائي ٽي ٽوئنٽي ليگ ”شپگيزا ڪرڪيٽ ليگ“ پڻ ڪرائيندو رهي ٿو، جنهن ۾ 5 ملڪي ٽيمون حصو وٺنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.