عدليا تابع بڻيل آهي،مارشل لا پلس جو دور آهي:اسد قيصر

اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته بيرسٽر گوهر کيس گهڻو اڳ ٻڌائي ڇڏيو هو ته ٻيا به ٻه ڪيس آهن، جن ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ڏهه ڏهه سال جي سزا ٻڌائي ويندي۔ هن چيو ته هاڻي عدالتن جي حالت اهڙي ٿي وئي آهي جو سڀني کي اڳواٽ خبر هوندي آهي ته بريت نه پر سزا ملڻي آهي۔ جنهن طريقي سان عدالتن کي تابع بڻايو ويو، انتظاميه جي پابند ڪيو ويو، ۽ جيئن ڪالهه پرڏيهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جهانگيري صاحب سان جيڪو ڪيو ويو، تنهن کان پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته هاڻي ڪهڙي عدالت انصاف ڪري سگهي ٿي؟شوڪت بسرا چيو ته مارشل لا پلس جو دور هلي رهيو آهي،عدليه به بوٽ پالشي ٿي وئي آهي،ايم ڊبليو ايم جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو ته عدل جي نظام لاءِ عوام کي ٻاهر نڪرڻو پوندو،عوام کي نمائندا چونڊڻ جو حق کسڻ ڏوهه آهي،وردي وارا سمجهن ٿا ته اهي جوابدهه ئي ناهن،قرآن چوي ٿو ته ڪنهن کي به ڇوٽ حاصل ناهي،توهان استثنيٰ ڏئي ڌاڙيلن کي کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي،عوام کي ڌاڙن جو رستو روڪڻ لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو،پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته آمريت خلاف ويڙهه آسان ناهي، اسان کي مزاحمت ڪرڻي پوندي،خوف جي فضا ختم ڪرڻ اسان جي اول ترجيحن ۾ هئڻ گهرجي،نوجوانن کي اظهار راءِ جي آزادي ڏيڻي پوندي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.