هائبرڊ نظام ۾ سياسي ڪارڪن لاءِ ڪا به گنجائش ناهي،اهو نظام قبول ناهي:حامد مير

لاهور(بيورو)سينئر صحافي حامد مير چيو ته اڄ جيڪڏهن خواجا رفيق زندهه هجي ها ته ڇا هو ڪنهن حڪومتي اڳواڻ جي ان بيان ته”هي هائبرڊ نظام آهي ۽ وڏي ڪاميابي سان هلي رهيو آهي“ تي چپ رهي ها؟هي اصلي سياسي ڪارڪنن جو ميڙاڪو آهي،توهان کي سوچڻو پوندو ته هائبرڊ نظام ۾ سياسي ڪارڪن جي ڪا به گنجائش ناهي،هائبرڊ نظام ۾ ته مفاد پرست ماڻهو ئي اڳتي ايندا آهن،هائبرڊ نظام ۾ تمام گهٽ ماڻهو اتي پهچندا آهن جتي راڻا ثناءُ الله پهتو آهي،اصلي جمهوريت جي ڪاميابي تڏهن ٿيندي جڏهن توهان سڀ اتي پهچو جتي راڻا ثناءُ الله پهتو آهي،هن چيو ته اسان سڀ چاهيون ٿا ته هي نظام تبديل ٿئي،پاڪستان اڳتي وڌي،هائبرڊ سسٽم ۾ تبديلي نٿي اچي سگهي،اسان کي هائبرڊ نظام قبول ناهي،اسان کي پاڪستان کي قائداعظم جو پاڪستان بڻائڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.