لاهور(بيورو)وفاقي وزيرِ قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ قومي سطح تي ڊائلاگ جي ضرورت آهي۔ هي ڊائلاگ ڪنهن سياسي جماعت، شخص يا گروهه لاءِ نه، پر وطنِ عزيز لاءِ هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام سان ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي۔هن چيو ته اسان کي تنقيد کي مثبت انداز سان قبول ڪرڻ ۽ برداشت پيدا ڪرڻ گهرجي۔ خواجه محمد رفيق شهيد قوم لاءِ وڏي قرباني ڏني، هن جمهوريت، عوام ۽ ملڪ جي خوشحالي خاطر پنهنجي رت تائين قربان ڪيو۔اعظم نذير تارڙ چيو ته اهڙيون تقريبون منعقد ٿيڻ گهرجن، جن سان هڪ طرف اسان کي ماضي جي تاريخ بابت ڄاڻ ملي ٿي ۽ ٻي طرف انهن عظيم شخصيتن جي قربانين کان به واقفيت حاصل ٿئي ٿي۔ هن چيو ته انهن ماڻهن اهڙا قرض لاٿا، جيڪي لازم به نه هئا۔ هن دعا ڪئي ته سندن اولادون ۽ اسان سڀئي سندن چيل ڳالهين تي عمل ڪرڻ وارا بڻجون