حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو) سنڌ جي ناميارن پاڻي ماھرن چيو آھي ته سنڌ کي ٽوڙي ڌار صوبي جي ڳالھ ڪندڙ پنھنجي نسلن کي ڀڙڪائي ۽ ڀٽڪائي رھيا آھن، اهڙن خيالن جو اظهار ھنن سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ ھلندڙ ٽن ڏينھن واري اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينھن تي “سنڌو طاس معاھدو ۽ ان جو سنڌ تي اثر” جي موضوع تي ويھڪ ۾ ڳالھائيندي ڪيو. ويهڪ جو ماڊريٽر جنيد انصاري ھو. ويهڪ ۾ ڳالهائيندي نامياري پاڻي ماھر نصير ميمڻ چيو ته پاڪستان کي اوڀر وارين ندين مان مجموعي طور 33 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ايندو ھو، جيڪو پنجند وٽ گڏ ٿئي ٿو، جنھن مان 30 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي خريف جي مند ۽ 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ربيع جي مند ۾ ايندو ھو، جنھن مان سنڌ کي ساليانو 11 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ملندو ھو. ھن چيو ته دجلا ۽ فرات جي سوڪھڙي جو سبب ترڪي طرفان ٺاھيل 22 ڊيم آھن، پاڪستان ۾ به ڊيم ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندي سنڌو درياهه ۽ سنڌ سان به دجلا ۽ فرات جي ندين جھڙو حشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ھن چيو ته نريندر مودي سنڌو طاس معاھدي جو نالو استعمال ڪندي ان کي ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندي پاڪستان جي مٿان ڪابه قيامت نٿو آڻي سگھي، ھن چيو ته سنڌ جا نام نهاد اسيمبلين ۾ ويٺل ئي سنڌ جي وسيلن جا ڦورو ۽ لٽيرا آھن، اسان کي انھن کان پڇاڻو ۽ احتساب ڪرڻو پوندو. ھن چيو ته ڪراچي اسان جي سنڌ جو شھر آھي، ڪراچي کي پاڻي ملڻ گھرجي، ڪراچي جو 80 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جو سنڌو درياهه مان ئي ملي ٿو، نئين صوبي جو راڳ آلاپيندڙ پنھنجي نسلن کي اصل راھ کان ڀٽڪائي رھيا آھن. انھن جو جيئاپو به سنڌو درياهه ئي آھي، سنڌو درياهه جو پاڻي پيئندڙن کي سمجهڻو ئي پوندو. ارسا ۾ سنڌ جي اڳوڻي ميمبر ۽ نامياري پاڻي ماھر احسان لغاري چيو ته ته اوڀر وارا درياھ وڪرو ڪرڻ سان سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ ڌڪ رسيو، سنڌ کي ٻن تلوارن سان ڪٺو ويو، ھڪ تلوار سان انڊس ڊيٽا جو هاڻي بند ڪري ماريو ويو، ٻي تلوار سان سنڌ جي پاڻي تي پنجاب ڌاڙا ھڻي پنھنجون زمينون آباد ڪري سنڌ کي سوڪھڙي جو شڪار بڻائي ماري رھيو آھي. ھن چيو ته 1991ع پاڻي ٺاھ مطابق سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌ کي دير سان ملڻ سبب سنڌ کي وڏو نقصان پھچي ٿو. سنڌ جو مطالبو آھي ته سنڌ جو پاڻي گڊو بئراج کان ڏنو وڃي، سکر بئراج مان روھڙي ۽ نارا ڪئنال تي 50 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آباد ٿئي ٿي، غريب آبادگار وٽ پاڻي نٿو پھچي، پڇڙين ۾ پاڻي نه پھچڻ جو اسان کي احتساب ڪرڻو پوندو.
سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هڪ ئي آهن، سنڌ جي وحدت اهم آهي
حيدرآباد: اياز ميلي جي پڄاڻي تي“قومي سڃاڻپ جي نئين سر تعمير” جي عنوان ھيٺ ويھڪ ٿي. جنھن جو ماڊريٽر شاھ زمان ڀنگر ھو. ان موقعي تي جساف جي پھرين مرڪزي صدر اقبال ترين چيو ته سنڌ جو ماڻھو جاگيرداراڻي نظام جو حصو آھي، ھن چيو ته ورھاڱي کان اڳ به مير پير سردار وڏيرا ھئا، جن وٽ ھاري ناري غلام بڻيل ھئا. جڏھن ته شھرن ۾ عامل ھئا، ھن وٽ صنعتون وڏا وڏا ڪاروبار ھئا، جن شڪارپور ۽ حيدرآباد کي پئرس جھڙو شھر بڻايو، جيڪي ورھاڱي بعد ھندستان ھليا ويا ۽ اتان کان ھتي اسان جا مسلمان ڀائر آيا، اسان پنهنجي شھرن جو حال تباھ ڪري ڇڏيو. ھن چيو ته سنڌي مسلمانن کي اھو خواب ڏيکاريو ويو ھو ته جڏھن سنڌ جا سنڌي ھندو ھتان ھليا ويندا ته ھتي انھن لاء ماکي جون نديون وھنديون ۽ انھن جا ڪاروبار انھن کي ملندا پر سڀ ڪجھ ان جي ابتڙ ٿيو ۽ ھندستان کان آيل ماڻھن کي سنڌي ھندن جون ملڪيتون، ڪاروبار شھر ڏنا ويا. ھن چيو ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ھڪ ئي آھن پر اسان جي ڀائرن کي اھو سوچڻو پوندو ته اسان جي لاءِ سنڌ جي وحدت اھم آھي ۽ ڪراچي سنڌ آھي. سنڌ دوست ڌرين ۽ ترقي پسند ماڻھن کي گھرجي ته اھي سنڌ جي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. محقق نازش بروھي چيو ته سنڌي قومپرستي جو تصور زمين ڌرتي سان جڙيل آھي، سنڌي ھندو سنڌ جي اھم سڃاڻپ رکن ٿا. ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته جديد قومپرستي ۾ عورت جو ڪردار ۽ موجود نه ھئڻ جي برابر آهي. ھن چيو ته قومي شاعري توڙي قومي گيتن ۾ ڪٿي به عورت جو وجود نظر نٿو اچي.
جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام سبب آپگهات لاڙ ي ۾ واڌ ٿي آهي:ڊاڪٽر
حيدرآباد: سنڌ جي ناميارن ڊاڪٽرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن چيو آهي ته سماجي روين، جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام کان مايوس ٿي پاڪستان ۾ خودڪشين جو رجحان وڌي ويو آهي، اهڙو اظهار هنن اياز ميلي ۾ “خودڪشي جو رجحان ۽ نوجوان” جي عنوان هيٺ ٿيل سيشن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نامياري سائيڪاٽسٽ ڊاڪٽر عنايت مگسي چيو ته اسان جي سماج ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول جوڙيو ويو آهي، ڪير به پنهنجي مرضي سان جيئي نٿو سگهي، هي رياست 78 سالن کان نوجوان دشمن رياست رهي آهي، نوجوانن کي ملو، ڪوڙي اخلاقيات ۽ غلاماڻي نفسيات وڪوڙي بيٺي آهي. سماجي اڳواڻ روماسه جامي چيو ته پاڪستان اندر 64 سيڪڙو نوجوان موجود آهن، انهن نوجوانن کي اهميت نٿي ڏني وڃي، کين هر شعبي ۾ پوئتي ڌڪيو ويو آهي، هتي ڪو سسٽم ئي ناهي جو نوجوانن کي صحيح پاسو ڏيکاري. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ اميدن جو موت ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري خودڪشيون وڌن ٿيون. هن چيو ته سرمائيداري نظام جي سگهاري هجڻ ڪري به ماڻهو پاڻ کي غلام سمجهي محرومين جو شڪار ٿي ويا آهن، ماڻهو ويڳاڻو بڻجي ويو آهي، سرمائيداري نظام وجود کي کوکلو ڪري رهيو آهي. نامياري ڊاڪٽر اريبه جلباڻي چيو ته هن معاشري ۾ مايوسي ۽ نااميد وڃي بچي آهي، ٿر ۾ وڌيڪ خودڪشيون ٿين ٿيون، ان جو سبب غربت ۽ سماجي رويا آهن. نامياري سياسي اڳواڻ ڪبير ڀيل چيو ته هر خودڪشي سماجي قتل ٿيندو آهي، ان جو سبب ڳولبو ته ذهني مسئلو به آهي، پر بنيادي ذميواري هي سماج، نظام، رياست ۽ سرڪار آهي، آئين ۾ جيئڻ جو حق ڏنو آهي، پر بدقسمتي سان ٿرپارڪر اندر هن سال 150 کان مٿي ماڻهن خودڪشي ڪئي آهي، هن ڌرتي جي گولي تي شايد ٻي ڪا اهڙي ڌرتي هجي جتي اجتماعي خودڪشي جو تصور هجي ۽ ٻڌو وڃي ته ڪنهن ماءُ ٻچن سميت خودڪشي ڪئي. هن چيو ته آپگهات جي ذميوار هي رياستي نظام ۽ ماڻهن جو رويو آهي. نامياري سائيڪالاجسٽ عظميٰ ميمڻ چيو ته والدين ٻارڙن کي رڳو ڪاميابي جي ڳالهه ٻڌائين ٿا، پر اهي کين ناڪامي واري ڳالهه نٿا ٻڌائين ۽ ان جي مائل نٿا ڪن، ڪاميابي ۽ ناڪامي ٻئي زندگي جو حصو آهن، تنهن ڪري جڏهن ڪو ماڻهو ناڪام ٿئي ٿو ته اهو مايوسي جو شڪار ٿي خودڪشي طرف وڌي ٿو ۽ پنهنجي زندگي وڃائي ڇڏي ٿو.
ڪوڙي خبر روڪڻ ميڊيا لاءِ چئلينج آهي:صحافي
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “ڊيپ فيڪ ۽ ڪوڙو سچ” جي عنوان هيٺ ويهڪ پڻ ٿي، جنهن جو ماڊيٽر سينيئر صحافي ناز سھتو هيو. ويهڪ ۾ ڳالهائيندي سينيئر صحافي اويس توحيد چيو ته فيڪ نيوز رومن تهذيبکان شروع ٿي. هن چيو ته هاڻي آرٽيفشل انٽيليجنس اهڙو دشمن آهي، جنهن کي پاڻ جي ويجهو رکڻو پوندو، پر ان تي نظر ضرور رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا اهڙو سمنڊ آهي، جنهن جي اندر طوفان اچي ويو آهي، جنهن ۾ جرنلزم کي بچائڻ لاءِ جزيرو ڳولهڻو پوندو. هن چيو ته دنيا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي 8 ڪروڙ ماڻهو آهن ۽ پاڪستان ان ۾ 5 نمبر تي وڏو ملڪ آهي، جيڪو ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪري ٿو. نامياري صحافڻ رافعه اعواڻ چيو ته مان اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ ڪم ڪري رهي هيس ته ان دوران پهريان ڪوڙي انفرميشن اچي ٿي ان کي منهن ڏيڻ جو سوچيو ته ڊس انفرميشن اچي وئي. سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته مون کي هڪ شهري طور اهو حق ٿو ٿئي ته آئون حڪمرانن کان سوال ڪيان ته غلط خبر هلي ٿي ته ان کي روڪڻ ڪنهن جي ذميواري آهي، ڇو ته توهان جي اسان جي ساهه جي رڳ تائين پهچ آهي، غلط خبر کي روڪڻ به توهان جي ذميواري آهي. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ ميڊيا خلاف ڪارو قانون آندو پئي ويو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي ٽن صحافين مان آئون به هڪ هيس جيڪي سڄي رات پارليامينٽ جي سامهون بک هڙتال تي ويٺا هئاسين، سنڌ اخبار جي ايڊيٽر مھيش ڪمار چيو ته ڊجيٽل دور ۾ ڪوڙي خبر کي روڪڻ صحافين لاءِ وڏو چيليج بڻجي ويو آهي.
عورتن کي فيصلا سازي جو حق ڏنو وڃي
حيدرآباد: عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورت اڳواڻن چيو آهي ته جستائين عورتن کي فيصلاسازي جو حق نه ڏنو ويندو، تيستائين عورتون ظلم جو شڪار هونديون، رياست کي عورتن کي تحفظ هجڻ جواحساس ڏيارڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن اياز ميلي ۾ “اسان تي الزام آندا، جڳ جيئڻ جا خودمختيار عورت ۽ سنڌي سماج” جي عنوان هيٺ ٿيل ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. ويهڪ ۾ ڳالهائيندي عورتن جي حقن جي اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته اسان جي سماج ۾ اهو تمام گهڻو عام آهي ته ڪنهن عورت سان ظلم ٿي وڃي ته ان سان سڄو سماج بيهي وڃي هو، پر جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن پروگرام ۾ رقص ڪري ٿي ته ان تي تهمتون لڳن ٿيون ۽ مٿس الزام تراشي ٿئي ٿي، خبر ناهي ته اسان جو معاشرو عورت کي طاقتور انسان ڏسڻ کان ڇو انڪاري آهي سنڌ وومين لاير الائينس جي اڳواڻ شازيه نظاماڻي چيوته آئين ۾ عورتن کي اهو حق حاصل آهي ته اها سمورن معاملن ۾ حصيدار بڻجي ۽ رياست اهڙو ماحول ڏئي جنهن ۾ لڳي ته عورتون محفوظ زندگي گذاري سگهن ٿيون. هن چيو ته عدليه ۾ به عورتن جي ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي، عدليه ۾ مرداڻي سوچ کي هٿي ڏني وڃي ٿي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ريحانه شيخ چيو ته هن چيو ته اسان رڳو پڙهڻ، شادي جي حق، نوڪري ڪرڻ کان خودمختياري نٿا سمجهون، پر عورتن کي فيصلاسازي ۾ حصيدار بنائڻ سان ئي خودمختياري ملي سگهندي. هن چيو ته مٿين طبقي جي سياست ۾ عورتون حصيدار ضرور آهن،پر کين مردن جهڙي حيثيت نٿي ملي، نامياري عورت اڳواڻ هدا ڀرڳڙي چيو ته ڪنهن به معاشري جو جائزو وٺون ٿا ته ان ۾ عورت کي پٺتي ڌڪيو ويو آهي جڏهن ڪا عورت اياز ميلي ۾ اچي ٿي ۽ رقص ڪري ٿي ته ان تي تنقيد ڪئي ٿي وڃي، اسان عورت جي حق جي ڳالهه ڪريون ٿا پر مرد ان کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ماڊريٽر الطس عبير چيو ته اسان جي معاشري ۾ عورتن کي آسان ٽارگيٽ سمجهيو ٿو وڃي،
عورتن جي مزاحمت ۾ نوان ڪردار شامل ٿيا آهن
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ نامياري ليکڪه امر سنڌو جو ڪتاب سرتيون سڄي سڃ جي مهورت واري تقريب ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي ليکڪا نورالھديٰ شاھ چيو ته عورتن جي مزاحمت جي ڪردار ۾ نوان ڪردار شامل ٿيا آھن. اھا اتساھ واري ڳالھ آھي. اسان سمجهون ٿا ڏيئا مان ڏيئا ٻرن ٿا، ھن چيو ھڪ مڪروھ ڪردار قتل ڪن ٿا ٻيا خاموش آھن. هن چيو ته امر سنڌو سر تري تي رکي پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. امر سنڌو لکيو به ۽ جدوجھد جي ميدان ۾ به رھي. هن چيو ته عورت اندر سوچڻ سمجھڻ جي وڏي گھرائي آھي. سنڌ ۾ ھڪ مائينڊ سيٽ عورت جي ڪردار کان انڪار ڪري ٿو. اسين ان سوچ کي نه ٿا مڃون. ليکڪه امر سنڌو چيو ته سنڌ جون خودمختيار عورتون پنھنجو ڪيس پاڻ وڙهن ٿيون. سنڌ ۾ اڄ به بي نام عورتون ماريون وڃن ٿيون. ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته عورت مظلوم ناهي عورتن کي پنهنجي حقن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پيرحسام الدين تمام وڏو مهمان نواز هو:پارس شاهه راشدي
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ نامياري اديب پير حسام الدين شاهه راشدي جي “پوشيده تاريخ جا ورق” جي عنوان هيٺ ويهڪ پڻ ٿي. ويهڪ ۾ ڳالهائيندي پير حسام الدين شاهه راشدي جي پوٽي پارس شاهه راشدي چيو ته پير حسام الدين تمام وڏو مهمان نواز هيو، وٽس ڪڏهن اڍائي سئو ته ڪڏهن 200 ماڻهو مهمان ٿيندا هئا، هو ان زماني جو تمام وڏو عالم ۽ دانشور هو، هو سدائين سدائين لائبريري ۽ ڪتابن جي ڍير جي وچ ۾ هوندو هو، هن چيو ته ان زماني جا جيڪي شاعر هئا، پير حسام الدين هر شاعر جي مقصد کي پنهنجو مقصد سمجهي سندن رهنمائي ڪندو هو، تنهن ڪري اهي سندس مريد ٿي ويندا هئا، سندس ڪيترو ئي ادب گم ٿي ويو آهي، پنا ڪوئا کائي ويا هئا، اسان هاڻ ان کي سهيڙي رکيو آهي. ماڊريٽر نامياري ليکڪا نورالھدي شاهه چيو ته پير حسام الدين شاهه راشدي جو جيڪو ڪم آهي، اهو مثالي آهي.
اياز جون وايون موسيقيت پيدا ڪنديون آهن:رخسانه پريت چنڙ
حيدرآباد: شيخ اياز ميلي ۾ “اياز جي وائي” جي عنوان هيٺ سيشن پڻ ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي نامياري شاعره رخسانه پريت چنڙ چيو ته اياز جا ڪتاب مون کي پڙهڻ کان پوءِ اتساهه مليو ته لکي سگهجي ٿوم، مون کي لکڻ جي سمجهه نه ايندي هئي، تاجل بيوس، استاد بخاري وائي لکي، اياز جون وائيون خوبصورت شاعراڻيون آهن. اياز جون وايون موسيقيت پيدا ڪنديون آهن، پڙهڻ وارو جهوگارڻ به چاهيندو آهي. شيخ اياز هڪ بهترين رومانوي شاعر هيو، هن ڌرتي جي درد کي لکيو، سنڌ اياز جو موضوع هيو، کيس قومي تحريڪ ساٿ ڏنو، سندس قومي تراني نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪيو، اهو اڄ به ڳايو وڃي ٿو، هاڻ ان تي پابندي مڙهي وئي آهي. شاعر رکيل مورائي چيو ته شيخ اياز جي شاعري ۾ زندگي سان سڀئي موضوغ شامل آهن، اياز سڀني صنفن تي لکيو، نوجوان شاعر وسيم سومرو چيو ته زندگي هڪ سفر آهي، شيخ اياز شاعري جي وائي ۾ محبت سان گڏ مزاحمت به شامل هئي. ماڊريٽر ثمينه ابڙو چيو ته شيخ اياز سنڌ جي افق تي چمڪندڙ جنهن جا سونري ڪرڻا ڌرتي کي منور ڪندا رهندا،
ماضي ۾ سئنيمائن جو وڏو عروج ڏٺوسين:سڪينه سمون
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “سينيما ٿيٽر” جي عنوان هيٺ سيشن پڻ ٿيو، سيشن ۾ ڳالهائيندي نامياري اداڪاره سڪينه سمون چيو ته مون ننڍپڻ ۾ حيدرآباد ۾ ڪوهنور، فردوس، چاندني ۽ نيو ميجسٽڪ سينيمائون ڏٺون، آئون فلمن ۽ سينيمائن جي عاشق هيس. هن چيو ته مون کي تڏهن ئي اداڪاري جو شوق پيدا ٿيو هو. نامياري فنڪار فدا حسين شاهه چيو ته فردوس سينيما تمام وڏي مشهور هئي، هن چيو ته سٺين ڪهاڻين جي ڪري اسان جون سنڌي فلمون تمام گهڻو ڏٺيون وينديون هيون، پرو چانڊيو ۽ محب شيدي جي فلمن رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا، شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو مغل اعظم فلم سينيما تي ڏسڻ ويندو هو. نامياري اداڪار منان عباسي چيو ته سينيمائن تي جڏهن فلمون لڳنديون هيون ته تمام گهڻي رش هوندي هئي، ماڊريٽر محمود مغل چيو ته مون ماضي ۾ سينيمائن جو وڏو عروج ڏٺو، مون 9 سالن جي عمر ۾ سينيمائن جو رخ ڪيو هو.
رحمان عباس ناول ۾ غربت ۽ مفلسي واري صورتحال کي بيان ڪيو آهي:ناصر عباس نيئر
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ رحمان عباس جي ناول “نزدان” جي مهورتي تقريب ڪوٺائي وئي. سيشن ۾ ڳالهائيندي نامياري ليکڪ ناصر عباس نيئر چيو ته رحمان عباس پنهنجي ناول ۾ غربت ۽ مفلسي واري صورتحال کي تمام گهڻو لکيو آهي ۽ بيان ڪيو آهي. هن چيو ته هن ناول ۾ ڪوڪنا واري علائقي جي غريب ماڻهن جي زندگي کي تمام سٺي نموني بيان ڪيو ويو آهي اديب، ليکڪ، شاعر سيد ڪاشف رضا چيو ته 21هين صدي کان اڳ اردو ناول ۾ تاريخ کي سمايو ويندو هو، پر هاڻي اردو ادب ۾ اسان جنهن صورتحال ۾ جيئون پيا، ان کي سمايو وڃي ٿو، رحمان عباس جي ناول ۾ اهي سڀ صورتون ملن ٿيونڪتاب جي ليکڪ رحمان عباس چيو ته سندس ڪتاب جو نالو ڪوڪني زبان مان نڪتل آهي، ان ناول ۾ ڪوڪنا جي ماڻهن جي غربت واري زندگي بابت قصو بيان ڪيو آهي. ماڊريٽر امر سنڌو امر سنڌ چيو ته ليکڪ پاڪستان ۽ ٻاهرين ادب تي تمام سٺي نموني لکيو آهي،