سيڪيورٽي فورسز جون خيبر پختونخواهه ۾ ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافتا 9 دهشتگرد ماريا ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۾ مختلف ڪارروائيون ڪندي ڀارتي حمايت يافتا 9 دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب 19 ڊسمبر تي سيڪيورٽي فورسز طرفان ٻن مختلف ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافتا 9 دهشتگردن کي ماريو ويو.
خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 4 دهشتگرد ماريا ويا.
ٻي ڪارروائي بنون ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 5 خارجين کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو، اهي سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگردي ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.