لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ملڪ بچائڻ لاءِ اتحاد جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو ۽ سڀني کي گڏ بيهڻو پوندو، ويڙهه نقصانڪار آهي، ڪير ڪنهن کي مائنس نٿو ڪري سگهي، سياسي جماعتون حقيقت هونديون آهن.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته پاڪستان هن وقت سخت سياسي ڏڦيڙ ۽ نفرت جو شڪار آهي، جنهن سان توانائي ضايع ٿي رهي آهي، جڏهن ته ملڪ کي اتحاد ۽ يڪجهتي جي سخت ضرورت آهي.
هن چيو ته بنيان مرصوص ۾ ڪاميابي جي نتيجي ۾ پاڪستان جو عالمي وقار بلند ٿيو ۽ فوجي جوانن ۽ آفيسرن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پاڻ کي وڏي دشمن کي شڪست ڏني، ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ اهو پاڪستان جي تاريخ جو ٻيو واقعو آهي، جڏهن پاڪستاني ڳاٽ اوچو ڪري هلي سگهن ٿا ۽ اهو سڀ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ٽيم جي اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ پنهنجي سياست داءَ تي لڳائي رياست بچائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ وڏي بحران مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پنجاب حڪومت تاريخي ڪم ڪري رهي آهي پر ان باوجود پنجاب کي مسلسل تنقيد ۽ نفرت جو نشانو بڻايو پيو وڃي، افسوس فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيندا آهن پر الزام پنجاب تي ايندو آهي، صوبن وچ ۾ اهڙي سطح جي نفرت مان اڳ ۾ ڪڏهن ناهن ڏٺي، جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو آهي.
خواجا سعد رفيق چيو ته پاڪستان جا مسئلا اڃا ختم ناهن ٿيا، غربت، بک، معاشي بدحالي، دهشتگردي ۽ علائقائي خطرا موجود آهن، معيشت مڪمل طور اڏام ڀري آهي، ملڪ عالمي سطح تي معاشي طاقت ناهي بڻجي سگهيو، ان صورتحال ۾ پاڻ ۾ ويڙهه ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي.
ڪو ڪنهن کي مائنس نٿو ڪري سگهي، پاڻ ۾ ويڙهه نقصانڪار آهي، ملڪ بچائڻ لاءِ ٻڌي ڪرڻي پوندي: خواجا سعد رفيق
You might also like