قومي ڪرڪيٽرن بابر اعظم ۽ شان مسعود انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ شاندار ڪاميابي تي رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف جي تعريف ڪئي آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسٽار بيٽر بابر اعظم چيو ته زبردست مهم کانپوءِ نوجوان رانديگرن فائنل ۾ حاوي رهندي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي.
هن انڊر 19 ٽيم جي مينيجر ۽ مينٽور سرفراز احمد جي به تعريف ڪندي چيو ته ڪاميابي جو ڪريڊٽ سيفي ڀائي ڏانهن وڃي، جنهن جي تجربي ۽ رهنمائي ٽيم کي سنڀاليو ۽ ڪاميابي ڏياري.
پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود به سرفراز احمد کي خراج تحسين پيش ڪيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شان مسعود رانديگرن جي تعريف ڪندي ٽيم مينيجر ۽ مينٽور سرفراز احمد سميت ڪوچنگ اسٽاف جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو.
هن چيو ته اڄ پاڪستان لاءِ خاص ۽ يادگار ڏينهن رهيو، انڊر 19 ٽيم وڏي ميچ ۾ شاندار فتح حاصل ڪري دليون کٽي ورتيون.
You might also like