ڪراچي ۾ ڀتاخوري جو مضبوط نيٽ ورڪ:طاقتورن جي سرپرستي؟

لاهور(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي نورالعارفين صديقي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڀتي جون پرچيون ورهايون ويون آهن، حساس ادارن کي به تفصيل ڏنا ويا آهن، پر ڪو به نالو کولي نٿو ٻڌائي ته آخر ڀتو ڪير وٺي رهيو آهي. ايران مان فون ايندا آهن، پر ڪو به نٿو ٻڌائي ته ايران ۾ ويهي هي سڀ ڪير هلائي رهيو آهي. جيڪي ماڻهو سهولتون ۽ سرپرستي ڏئي هتي نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن، اهي ته هتي موجود آهن. صحافي مزمل سهروردي چيو ته بلاول ڀٽو جي منصوبن سبب لياري کي دنيا ۾ سٺو ڏيکاريو پيو وڃي، پر جيڪڏهن ميئر واقعي ذميوار هجي ها ته کيس خبر هجي ها ته شهر جي بدنامي ٿي رهي آهي. مختلف ماڻهو مختلف علائقن مان مختلف نالن تي ڀتو گڏ ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت ڪا ڪارروائي ڇو نٿي ڪري؟ جيڪڏهن ڀتو ورتو پيو وڃي ته پوءِ رينجرز ڇا ڪري رهي آهي؟ لياري گينگ وار جو ڪرمنل وسيع الله لاکو هاڻي ايران ۾ ويهي ڪراچي ۾ ڀتوخوري جو نيٽ ورڪ هلائي رهيو آهي. نورالعارفين چيو ته مسئلو ڪنهن هڪ شخص جو ناهي، پر پورو سيٽ اپ هتان هلي رهيو آهي، ۽ جيڪي ماڻهو سرپرستي ڏئي رهيا آهن، اهي هتي ئي آهن،هن چيو ته پيپلز امن ڪميٽي سان لاڳاپيل ماڻهو، پيپلز پارٽي جي ويجهو رهيا آهن، ۽ اهو تاثر به آهي ته ڪجهه ماڻهن جا ريڊ وارنٽ به روڪرايا ويا. گفتگو ۾ اهو به چيو ويو ته ڀتو خاص طور تي ميمڻ ۽ اردو ڳالهائيندڙ برادري کان گهريو پيو وڃي، جڏهن ته ٻين کان نه. نورالعارفين چيو ته اهڙين ڳالهين لاءِ وڌيڪ جاچ جي ضرورت ئي ناهي، ڇو ته نالا ۽ نيٽ ورڪ سڀني کي خبر آهن، پر عملدرآمد نٿو ٿئي.ايم ڪيو ايم بابت چيو ويو ته هن وقت ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڀتاخوري ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان يا ايم ڪيو ايم لنڊن جو سڌو نالو سامهون نه آيو آهي، ڪجهه ڪارروائين ۾ سني تحريڪ جا ماڻهو گرفتار ٿيا، پر قيادت انهن کان لاتعلقي ڏيکاري. آخر ۾ چيو ويو ته جيستائين طاقتور حلقن جي سرپرستي ختم نه ٿيندي، تيستائين اهڙا نيٽ ورڪ هلندا رهندا
ڪراچي ۾ شهرين کان ڪروڙين رپين جو ڀتو گهريو پيو وڃي: فاروق ستار
ڪراچي (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڀتا خوري جي لعنت هڪ ڀيرو ٻيهر مٿي اچي وئي آهي، ڪراچي ۾ شهرين کان ڪروڙين رپين جو ڀتو گهريو پيو وڃي، سنڌ سرڪار فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهي آهي، ڪراچي ۾ ڀتا خوري جي واپسي ۽ بلڊرز کي هراسان ڪرڻ سنڌ حڪومت جي 17 سالن جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته واپارين کي پرڏيهه مان فون ڪالز ۽ ڀتي جون پرچيون موڪليون پيون وڃن، ڪراچي جا واپاري ۽ بلڊرز پاڪستان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ڪراچي ملڪ کي 60 سيڪڙو ٽيڪس ڏئي ٿو، پر ان جي باوجود شهرين جي حالت انتهائي خراب آهي، شهر ۾ هر هنڌ پاڻي جو مسئلو آهي، رستا ٽُٽل آهن، پاڻي ٽينڪر مافيا وسيلي فراهم ڪيو پيو وڃي، انهن معاملن تي رياستي ادارن جو ڌيان ڇڪايو آهي، سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي به سڏ ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته آباد جي چيئرمين ڏک ڀري لهجي ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ڀتا خوري جي ڏوهه کي وائکو ڪيو آهي، لڳ ڀڳ 10 بلڊرز شڪايتون داخل ڪرايون آهن، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ بلڊرز اهڙا آهن جن ڀتي بابت شڪايتون ڪيون آهن، هاڻي بلڊرز جي آفيسن تي فائرنگ جا واقعا به شروع ٿي ويا آهن، ۽ ڀتا خورَن وٽ بلڊرز جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي، 18هين ترميم کانپوءِ امن امان صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي.
ڪراچي ۾ ڀتي لاءِ ڪالون ڪٿان اچن پيون، اهم ڳالهيون ظاهر!
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي ۾ واپارين کان ڀتو وصول ڪرڻ وارن واقعن بابت تيار ڪيل پوليس رپورٽ سامهون اچي وئي، ذريعن موجب پوليس رپورٽ موجب آباد جي 8 ميمبرن کي ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندڙ فون ڪالون ڪيون ويون، پهريون واقعو 27 سيپٽمبر تي ملير ۾ پيش آيو، جنهن جو ڪيس ساڳئي ڏينهن ملير سٽي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 13 ڊسمبر تي ناظم آباد ۾ ڇاپي دوران 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي ملير ۾ ڀتي ۾ ملوث هئا، ان ڪيس ۾ ڀتي جي فون ڪال پرڏيهه جي نمبر تان ڪئي وئي هئي، ڀتي جي ڌمڪيءَ جو ٻيو واقعو 30 سيپٽمبر تي بهادرآباد ۾ پيش آيو، هن ڀيري به ڪال پرڏيهه جي نمبر تان آئي هئي، ان واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو مختلف آن لائن ايپليڪيشنن ذريعي ڀتو وصول ڪندو هو، ڀتي جي ڪالز جو ٽيون واقعو 2 ڊسمبر تي سولجر بازار جي علائقي ۾ پيش آيو، اها ڪال به پرڏيهه جي نمبر تان ڪئي وئي هئي، ان واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته پنج جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ساڳئي پرڏيهه جي نمبر تان ڊسمبر ۾ سولجر بازار ۾ چوٿين ڪال ڪئي وئي، جنهن ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. صدر واري علائقي ۾ پنجين ڪال پرڏيهه جي نمبر تان ڪئي وئي، ناظم آباد ۾ ٻن هفتن اڳ به آفريقي ملڪ جي نمبر تان هڪ ٻي ڪال بلڊر کي ڪئي وئي، جنهن ۾ ملوث جوابدار کي درخشان پوليس گرفتار ڪيو، ڊسمبر ۾ ئي گارڊن واري علائقي ۾ به بلڊر کي پرڏيهه جي نمبر تان ڀتي لاءِ فون ڪال ڪئي وئي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڀتي جون ڪالز ڪرائڻ وارا مختلف ملڪن ۾ رهندڙ آهن، پوليس جو خصوصي جاچ يونٽ ڀتي وارن ڪيسن تي ڪم ڪري رهيو آهي.
متحدا پنهنجي 40 سالن جي تشدد واري تاريخ ياد ڪري:سنڌ حڪومت
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سمعتا افضال سيد چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي 40 سالن جي پُرتشدد تاريخ ڪراچي جي چهري تي چُٽو آهي، فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي سمعتا افضال سيد چيو ته فاروق ڀاءُ وڏا ٿي وڃو، ڪراچي وارا توهان جي سازشي بيانن کان اڳ ۾ ئي اڳتي نڪري چڪا آهن، ڪراچي جي ٽيڪس بابت توهان کي وفاق سان ڳالهائڻ گهرجي، پر توهان اتحادي هجڻ سبب نه ٿا ڪريو، ڀڙڪيون ضرور هڻو پر جتي ضرورت هجي اُتي، جيڪڏهن توهان پنهنجن دورن ۾ ڪم ڪيا هجن ها ته شهر جي صورتحال مختلف هجي ها، فاروق ستار ماضي ۾ مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ۽ اڄ به عوام جي ڀلائي بدران پنهنجي سياسي ايجنڊا کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، ساڳي معاملي تي ترجمان سعديه جاويد جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم فاروق ستار کي سچ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، پراڻي اسڪرپٽ ذريعي عوام کي وڌيڪ گمراهه نه ڪيو وڃي جيڪا جماعت سالن کان ڪراچي ۾ ڀتا خوري ۽ خوف جي علامت رهي، اڄ اها ڪيئن ڳالهائي رهي آهي؟ سنڌ جو وڏو وزير آباد جي شڪايتن تي نوٽيس وٺي چڪو آهي ۽ جلد عملي نتيجا نظر ايندا، پيپلز پارٽي ئي ڪراچي کي ڀتا خور کان آزاد ڪري امن واپس آندو. ايم ڪيو ايم جا تربيت يافته عنصر ٻيهر سر کڻڻ چاهين ٿا، پر قانون تحت سختي سان روڪيا ويندا.
ڀتا خوري بابت پريس ڪانفرنس سنڌ سرڪار خلاف چارج شيٽ آهي: ڪاشف سعيد
ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته ڪچي کان پوءِ ڪراچي جي واپارين طرفان ڀتا خوري جي آزار خلاف پريس ڪانفرنس مراد علي شاهه حڪومت خلاف ھڪ چارج شيٽ آھي، حڪومت جي نااھلي جي ڪري ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌاڙيل راڄ توڙي سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ھڪ ناسور جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن، جيڪي پڪي وارن جي سرپرستيءَ کان سواءِ ناممڪن آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀتا خوري، ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي تڪرارن سبب امن تعليم ۽ ڪاروبار تباھ ٿي ويو آهي. واپاري خاص طور اقليتي برادري عدم تحفظ ڪري لڏپلاڻ ڪري ٻئي صوبي يا پرڏيھ وڃي رھي آھي. ٻئي طرف بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ ڪري عوام جو جيئڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي، قبيلائي تڪرارن سوين حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون ۽ ھزارين خاندان تباھ ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا، جيڪڏهن پ پ جي سنڌ سرڪار انھن جو خاتمو چاھي ته قبيلائي تڪرارن، ڀتاخورن کان وٺي ڌاڙيل راڄ تائين ڪو مسئلو نه آھي ڇو ته ڪو به ڌاڙيل ، ڏوھاري يا ظالم سردار رياست کان وڌيڪ طاقتور نه آهي، لڳي ٿو ته رياست پاڻ دھشت گردي قبيلائي تڪرار ۽ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو نٿي چاھي.
ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڀتا خوري جا 171 ڪيس داخل، 6 ڏوهاري مارجي ويا
ڪراچي (رپورٽر) اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) سي آءِ اي ڪراچي ڀتا خورَن خلاف هلندڙ سال ڪيل ڪاررواين بابت سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب سال 2025 دوران سڄي شهر ۾ ڀتا خوري جا مجموعي طور 171 ڪيس داخل ڪيا ويا، جاچ دوران 75 ڪيس اصل ڀتا خوري جا ثابت ٿيا، جڏهن ته باقي 96 ڪيس رقم جي ڏي وٺ، زمين ۽ پلاٽ جي تڪرارن، ذاتي معاملن، جهيڙن ۽ ٻين نوعيت جي تڪرارن سان لاڳاپيل نڪتا، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اصل ڀتا خوري جي 75 ڪيسن مان 71 ڪيس ٽريس ڪيا ويا، جڏهن ته هلندڙ سال ڪيس ٽريسنگ جي شرح 95 سيڪڙو رهي، انهن ڪيسن ۾ مجموعي طور 128 جوابدارن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ايس آءِ يو موجب ڀتا خوري جي ڪيسن ۾ ملوث 6 ڀتا خور پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا، جڏهن ته مقابلن دوران وڌيڪ 14 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، رپورٽ موجب سال 2025 دوران ڀتا خوري ۾ ملوث مجموعي طور91 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، ترجمان ايس ايس پي ايس آءِ يو / سي آءِ اي ڪراچي چيو آهي ته شهر ۾ ڀتا خوري جي مڪمل خاتمي لاءِ جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو ويندو ۽ ڪنهن کي به قانون کان مٿانهون نه سمجهيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.