بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جو آواز، ملڪي تاريخ جو ڊگهو ترين پيادل مارچ ڪندڙ ماما قدر بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڊگهي عرصي کان جدوجهد ڪندڙ ماما قدر بلوچ 85 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ماما قدر بلوچ هلندڙ سال عيد الفطر کانپوءِ مسلسل بيمار هو ۽ ڪجهه ڏينهن کان ڪوئيٽا جي هڪ خانگي اسپتال ۾ وينيٽليٽر تي هو.
ماما قدير بلوچ جي پٽ بجار خان بي بي سي اردو سان ڳالهائيندي پيءُ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته سندس وصيت موجب تدفين اباڻي علائقي سوراب ۾ ڪئي ويندي.
وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي چيئرمين نصر الله بلوچ موجب، قدر بلوچ سهڪي جي بيماري ۾ مبتلا هو، جڏهن ته ڪجهه هفتا اڳ منجهس ٽي بي ۽ جگر جي مسئلي جي نشاندهي به ٿي هئي.
وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز ماما قدر بلوچ جي موت تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن دوران ڪوئيٽا ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ به بند رهندي.
واضح رهي ته ماما قدر بلوچ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پاڪستان جي تاريخ جو ڊگهو ترين پيادل مارچ پڻ ڪيو هو.

ماما قدير ڪير هو؟
ماما قدر بلوچ بلوچستان جي قلات ڊويزن جي علائقي سوراب ۾ 6 جون 1940ع تي ڄائو، هن مڊل تائين تعليم سوراب ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته ميٽرڪ خضدار مان ۽ انٽر ميڊئيٽ ڪوئيٽا مان مڪمل ڪئي.
تعليم دوران ۽ ان کانپوءِ هو قومپرست سياست سان واڳيل رهيو ۽ نيشنل عوامي پارٽي (اين اي پي) جي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو.
سال 1974ع ۾ هن ڪيشيئر طور يونائيٽڊ بئنڪ ۾ ملازمت شروع ڪئي ۽ 2009ع ۾ گريڊ ٿري جي آفيسر طور رٽائر ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ عام ماڻهو آرام کي ترجيح ڏيندو آهي، پر ماما قدر بلوچ کي آرام جو موقعو نه مليو ۽ سندس زندگي ۾ اڳ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ڏکيو ڪم اچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.