ڏندن جي سور مان ڇوٽڪاري جو آسان ۽ جادوئي علاج

ڏند جي سور کان ڪير واقف ناهي، اهو ايترو شديد هوندو آهي جو انسان ڪنهن به پل سڪون سان ناهي ويهي سگهندو، مريض جي خواهش هوندي آهي ته ڪنهن به ريت ان تڪليف مان ڇوٽڪارو ملي وڃي.
ڏند جو سور رات جي وقت وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي، جنهن سبب ننڊ به متاثر ٿيندي آهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته جڏهن ماڻهو سمهڻ لاءِ ليٽندو آهي ته رت جو وهڪرو مٿي ڏانهن وڌي ويندو آهي، جنهن سبب ڏند جي تڪليف وڌي ويندي آهي.
هربلسٽ سلميٰ عاصم نجي ٽي وي شو ۾ شرڪت دوران ڏندن جي تڪليف مان ڇوٽڪاري جو انتهائي آسان نسخو ٻڌايو.
هن چيو ته ان لاءِ سڀ کان اڳ ٿورڙو ڦودنو (جنهن کي انگريزي ۾ مينٿول چوندا آهن) وٺو، ان کانپوءِ هڪ چمچو اجوائن پائوڊر ۽ هڪ چمچو لونگ جو پائوڊر، انهن ٽنهي کي چڱي ريت پيسيو.
پيسڻ کانپوءِ ان کي لونگ جي تيل يا سرنهن جي تيل سان گڏ لڳايو، ڪجهه جي ٽڪري کي تيل ۽ پيسيل پائوڊر ۾ ڀڄائي متاثر ڏند ۾ دٻائي رکو، تمام جلد فائدو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.