اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)حج 2026ع جي سلسلي ۾ سعودي عرب جي ڊيڊ لائن ۾ رڳو هڪ ڏينهن باقي آهي.
مذهبي معاملن واري وزارت ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽ کي هڪ خط لکي درخواست ڪئي آهي ته اڄ ۽ سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ پاسپورٽ آفيسون کوليون وڃن ۽ ان معاملي کي اهميت ڏني وڃي.
ذريعن موجب، مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ لاڳاپيل اسٽاف جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، اصل ۾ حج فرض انجام ڏيندڙ ويلفيئر اسٽاف جا پاسپورٽ اڃا تائين نه ٺهي سگهيا آهن.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سعودي عرب ۾ مقرري لاءِ ويلفيئر اسٽاف جا پاسپورٽس 21 ڊسمبر تائين مسار ايپ تي اپ لوڊ ڪرڻ لازمي آهن.
وزارت طرفان حج ميڊيڪل مشن جي 268 ميمبرن جا پاسپورٽس فوري جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته مذهبي معاملن واري وزارت طرفان سعودي ڊيڊ لائن پوري ڪرڻ لاءِ پاسپورٽ آفيسز جي هفتيوار موڪل معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.
You might also like