لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي ٽيم جا رانديگر اڃا تائين ڊيلي الائونس جي اوسيئڙي ۾ آهن.
ذريعن موجب، قومي هاڪي ٽيم جا ڪيئي رانديگر اُڌارا پئسا وٺي روز مره جا خرچ پورا ڪري رهيا آهن.
ڊيلي الائونس جي اوسييڙي ۾ ويٺل هڪ رانديگر جو چوڻ آهي ته چيو ويو هو ته پرو هاڪي ليگ کانپوءِ معاملا حل ٿي ويندا، فيڊريشن جي دعويٰ هئي ته حڪومت ايترا فنڊ ڏئي رهي آهي جو ڊيلي الائونسز جي ادائيگي جو ڪو مسئلو نه هوندو.
متاثر رانديگر جو چوڻ آهي ته هاڪي مئنيجمينٽ طرفان خاطري ڪرائڻ باوجود ڊيلي الائونسز جي ادائيگي وارو معاملو جيئن جو تيئن برقرار آهي.
You might also like