ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته جيستائين قانون ۾ ميئر جو ڪردار واضح نه ڪيو ويندو، ڪميونٽي پوليسنگ نظام موثر نه ٿو ٿي سگهي، ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 28هين آئيني ترميم ۾ ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جا فيصلا ٿيڻ گهرجن، موجوده آبادي جي لحاظ سان وڏا صوبا انتظامي بار کڻڻ جي قابل نه رهيا آهن، تنهن ڪري بهتر حڪمراني لاءِ نون انتظامي يونٽن جو قيام ضروري ٿي چڪو آهي، هن مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو آئيني ترميمي بل آرٽيڪل 148 سان لاڳاپيل 28هين ترميم ۾ شامل ڪيو وڃي، مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ کان سواءِ امن ۽ امان جو مسئلو حل نه ٿي سگهي. ٻئي پاسي نيپا ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان ۾ جيتري جمهوريت آزاد آهي اُترو ئي سچ ڳالهائڻ گهرجي، نيپا منهنجي لاءِ پهريون بس اسٽاپ هو، ملڪ ٺاهي ڇڏيو پر 78 سالن ۾ مقصد نه ٺاهيو ويو، اسان جو خطو ترقي ڪري رهيو آهي پر اسان نه ڄاڻ ڇا ڪري رهيا آهيون.