ٺٽو (ڊر) مَڪلي تي مُنعقد ڪرايل کُلي ڪَچهري ۾ ماڻھن شڪايتن جا اَنبار لَڳائي ڇَڏيا صوبائي وزير سردار شاھ آڏو هڪ عورت پاران کانئس فوتي ڪوٽا تحت نوڪري ڏيارڻ لاءِ 6 لک روپيا رُشوت وِصول ڪرڻ جي شڪايت توڙي 5 سئو کان مٿي استادن جي ڊيٽا بيس 10 مهينن کان رولڙي ۾ هجڻ تي تعليم کاتي ٺٽي جي عملدارن کي صوبائي وزير پاران ڇنڍ پَٽي وئيم جڏھن ته واهن شاخن ۾ پاڻي کوٽ، ونڊ مل ڪمپنين پاران مقامي آبادي کي سي ايس آر فنڊ تحت سهولتون نه ڏيڻ، تعليم صحت جي بنيادي مسئلن سميت اسڪولن جي تالابندي خلاف ماڻھن شڪايتون ڪيون، جمعي نماز جو ٽائيم ٿيڻ سبب کلي ڪچهري مختصر ٿيڻ ڪري ڪافي ماڻھن جون شڪايتون پيش نه ٿي سگهيون ۽ ڏورانھين علائقن کان آيل سوين ماڻھو مسئلا پيش ڪرڻ بغير مايوس واپس روانا ٿي ويا، ٻئي پاسي سردار شاھ جي کليل ڪچھري ۾ فقير جو ڳوٺ واسي عورتن پھچي دانھون ڪندي چيو ته ٺٽو پوليس گذريل ٻن ڏينھن کان بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي اسان کي ملاقات به نٿي ڪرائي وڃي، تنھن تي سردار شاھ ايس ايس پي ٺٽو فاروق بجاراڻي کي ڊائيس تي گھرائي عورتن جو مسئلو فوري طور حل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪندي عورتن کي خاطري اوھان جا نوجوان بيگناھ آھن ته اڄ ئي کين آزاد ڪيو ويندو.