حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “ڪمزور جمھوريت ۽ آزاد صحافت” جي موضوع تي اھم سيشن ٿيو،جنھن ۾ نامياري تجزيه نگار عاصم شيرازي ڳالهائيندي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ھڪ اھڙي رياست جو خواب ڏٺو ھو، جيڪا رياست ماءُ جھڙي ھجي، پر پوءِ ان رياست تي ھڪ مخصوص ٽولي قبضو ورتو، جيڪو اڄ تائين جاري آھي. ھن چيو ته پاڪستان ۾ ڪڏھن به جمھوريت رھي ئي ناھي، سدائين جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو آهي، آمريت سان گڏ لولي لنگڙي جمھوريت به بدترين آھي. ھن چيو ته جن ماڻھن کي 22 اپريل کانپوءِ انساني حق ياد اچن ٿا، ان کان اڳ انھن پنھنجي اقتدار جي دور ۾ فسطائيت جو مظاھرو ڪيو. ھن چيو ته 6 مئي تي پاڪستان ھڪ نتيجي تي پھچي چڪو ھو، چيو پئي ويو ته جولاءِ ۾ اسيمبليون ٽوڙيون وينديون، اليڪشن ڪرائي ويندي ۽ نظام ۾ سڌارا آندا ويندا. اھا ڳالھ رڪارڊ تي موجود آھي پر ان کانپوءِ 9 مئي جو واقعو پيش آيو، جنھن ھن ملڪ اندر سياست کان ٿوري گھڻي مليل پنھنجي جاءِ به کسي ورتي. ھن چيو ته اسان اظھار راءِ جي آزادي بابت سوچيون ٿا، پر ڏٺو وڃي ته ان کي ڪيتري حد تائين خراب ڪيو ويو آھي، ھن چيو ته رياست ھر 10 سالن بعد نئون پراجيڪٽ کڻي اچي ٿي، پرڏيھي پاليسي به پنھنجي کڻي اچي ٿي ھن چيو ته مقبول سياست جيان مقبول صحافت به آھي، جيڪو اھو رستو اختيار ڪري ٿو ان کي ھر قسم جون مراعتون ۽ تمغا ملن ٿا. نامياري صحافي شاھزيب جيلاني چيو ته پارليامينٽ ھن وقت عدليا سان جيڪو ڪجھه ڪيو آھي، اھو آمرن به ناھي ڪيو. عدليا جي آزادي ڪمپرومائيزڊ ڪئي وئي آھي. ھن چيو ته اسيمبلي ميمبرن کي ته اھا به خبر ناھي ھوندي ته سڀاڻي ڪھڙو بل اسيمبلي ۾ اچڻو ۽ پاس ٿيڻو آھي ھن چيو ته سياست ۾ جيڪا موجوده روش آھي، اھا مايوس ڪندڙ آهي، پارليامينٽ کي جوابدہ ڪرڻ به اسان جو فرض آھي، پارليامينٽ کي به احتساب آڏو بيهڻ گھرجي. ھن چيو ته ھن وقت جيڪي به پارٽيون اقتدار ۾ آھن، انھن جا خاندان اقتدار ۾ ويٺل آھن، انھن خاندانن جا پنھنجا ئي ماڻھو ضلعي کان ويندي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ويٺل آھن. ھن چيو ته ھن ملڪ کي دٻاءُ برداشت ڪندڙ ذھين سياسي ماڻھن جي ضرورت آھي، اھي ئي ھن ملڪ ۾ حقيقي جمھوري عوامي سياسي نظام آڻي سگھن ٿا.
حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو/حسيب لطيفي) انقلابي، رومانوي ۽ ڌرتي جي شاعر شيخ اياز جو ٽن ڏينھن وارو 11هون ادبي ميلو حيدرآباد ۾ شروع ٿي ويو، جنھن ۾ اديبن، دانشورن، شاعرن، عورتن ۽ خاص طور نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪري شيخ اياز جي شاعري، فلسفي ۽ فڪر کي ڀيٽا ڏني، ميلي جي شروعات شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سورمين لطيف جي وائي سان ڪئي. ان موقعي تي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو تي اياز ميلو هن نفسانفسي واري دور ۾ امن، محبت ۽ پيار جو پيغام پهچائڻ جو وڏو ذريعو آهي. هن چيو ته سنڌ امن، پيار ۽ رواداري جي ڌرتي آهي ڪيفي خانه بدوش جي اڱڻ تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ شيخ اياز اهي شاعر آهن، جن شاعري ذريعي امن، پيار ۽ رواداري جو پيغام ڏنو آهي. هن چيو ته شيخ اياز جو ميلو هن دور جي بهترين ادبي سرگرمي آهي، هن چيو ته شيخ اياز ميلو سڄي ملڪ ۾ ايترو ته مقبول ٿيو آهي جو ان ۾ شرڪت لاءِ سڄي ملڪ مان ايترا ماڻهو حيدرآباد پهتا آهن جو هتان جا ريسٽ هائوس، ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي هاسٽل ۽ ڀرپاسي وارا هوٽل ڀرجي ويا آهن. هن اياز ميلي جي گرانٽ بابت چيو ته ايندڙ سال اياز ميلي جي گرانٽ لاءِ سنڌ حڪومت کي لکيو ويندو ته جيئن هي ميلو وڌيڪ ڏينهن تائين هلي سگهي. ھن چيو ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جون حالتون خراب آهن، اھڙين حالتن ۾ سنڌ سڄي ملڪ کي امن ۽ رواداري جو پيغام ڏئي ٿي. موھن جو دڙو ۽ ڀنڀور مان ڪو وڏو هٿيار ناهي نڪتو، سنڌ مهمان نواز آهي، هتان جو نوجوان پنهنجي عزت نفس تي رد عمل ڏئي ٿو. نامياري صحافڻ، ليکڪه ۽ تجزيي نگار عاصمه شيرازي چيو ته سنڌ صوفين جي سرزمين آهي، اسان کي جڏهن هتي گهرائيندا آهن ته ضرور ايندي آهيان. هن چيو ته پهريان شيخ اياز بابت ڄاڻ نه هئي پوءِ مون کيس پڙهيو ته هن مون کي محبت ۽ ڌرتي سان حد کان وڌيڪ محبت جو احساس ڏياريو. هن چيو ته اسان جيڪا ڳالهه سوچيون ۽ چوڻ چاهيون ٿا، اها ڳالهه اياز لکي ۽ چئي ويو آهي. هن چيو ته اياز رڳو هڪ شاعر نه پر هڪ عظيم صوفي ھو. هن نوجوانن ۾ انقلابي روح ڦوڪيو، هو سنڌ ڌرتي مان پيدا ٿيندڙ اهو انسان هو، جنهن ڌرتي تي جنم ورتو ۽ پنھنجي شاعري ذريعي آسمان کي ڇهيو. هو پنھنجي ڏات ذريعي آمريت ۽ طاقتور قوتن جي خلاف ٿي بيٺو رهيو هو نه ڊنو ۽ نه ئي وري جهڪيو هو. نامياري ليکڪه مهتاب اڪبر راشدي چيو ته اياز جي زندگي جا ڪافي پهلو هئا. هو وڪيل، شاعر، ايڊمنسٽريٽر ۽ صحافي رهيو، اسان خوش نصيب آھيون جو ھن عظيم تخليقڪار ۽ ھن گھڻ رخي شخصيت کي پنهنجين اکين سان ڏٺو ۽ سندس شاعري ان جي واتان ٻڌي. هن چيو ته اسان پنھنجي اکين سان ملڪ اندر آمريت جو ڪارو دور ڏٺو جڏھن نوجوان تتل اُس جا مسافر ھئا ، ھڪ دور اھڙو به ھو جو اسان وائيس چانسلر وارن ڏينھن ۾ شيخ اياز سان اختلاف راءِ رکي پر سندس تخليق ۽ شاعري جي اڏام اوچي رھي ۽ سدائين ان لاءِ احترام رھيو .نامياري ليکڪه اياز ميلي جي ڪنوينر امر سنڌو چيو ته اڄ اسان کي تمام وڏي خوشي ٿئي ٿي ته اسان 10 سال پورا ڪري 11هون اياز ميلو شروع ڪري رھيا آھن. ان سفر ۾ ڪيترائي مرحلا ۽ مشڪلاتون آيون. هن چيو ته جڏهن سرڪار جو سهڪار نه هيو تڏهن به اسان هي ميلو ڀرپور نموني ڪيو پر هاڻ ثقافت کاتي ايترو سهڪار ڪيو آهي جو ثقافت کاتو ڄڻ هن ميلي جو ميزبان بڻيل آهي. ناميارو ڊراما نگار ۽ ليکڪ اصغر نديم سيد آن لائين خطاب ڪندي چيو ته شيخ اياز جي شاعري جا ڪيترائي پهلو آهن. جن تي هتي ڳالهائيندا آهيون. هن چيو ته شاعر هڪ اهڙو وڻ آهي، جنهن جا گل ان جي مرڻ کان پوءِ نکرندا آهن، اياز هڪ خطي جو اهو واحد شاعر آهي، جنهن هندستان جي سڄي فلسفي کي گيتن ۾ سهيڙيو آهي، هن پوري عالمي ادب کي ڪيترن ئي طريقن سان شاعري ۾ لکيو آهي. هن چيو ته اياز خاص طور تي سنڌ لاءِ لکيو آهي. ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته جس ٿو ڏيان هتان جي ڀينرن کي جيڪي هي وڏو پروگرام ڪن ٿيون. هن چيو ته هي 3 ڏينهن ميلو هلندو، جنهن ۾ 36 سيشن مختلف موضوعن تي ٿيندا، هي رڳو اياز کي ڀيٽا ناهي