ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي، 17 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، 17 ضروري شين جا اگهه وڌي ويا آهن. ڳڻپ کاتي هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي جنهن موجب، هفتيوار بنيادن تي مهانگائي شرح ۾ ڏهائي 24 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح گهٽجي 3.75 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي. رپورٽ موجب، هڪ هفتي ۾ 17 شيون مهانيون ۽ 14 شيون سستيون ٿيون. انگن اکرن موجب، ڪڪڙين جو في ڪلو 40 رپيا 34 پيسا مهانگو ٿيو، آنا في درجن 10 رپيا 31 پيسا مهانگا ٿيا، ٻارڻ واري ڪاٺي في مڻ 12 رپيا 35 پيسا مهانگي ٿي. مڱن جي دال 1 رپيو 17 پيسا في ڪلو مهانگي، ڏهي، کير، ٻاڪرو گوشت،خشڪ کير به مهانگين شين ۾ شامل ٿي ويا. ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب، ٽماٽا في ڪلو 9 رپيا هڪ پيسو سستا ٿيا، پٽاٽا في ڪلو 5 رپيا 8 پيسا ۽ کنڊ في ڪلو 7 رپيا 9 پيسا سستي ٿي. ڊيزل، دال مسور، ايل پي جي سلينڊر به سستا ٿيا، ڊبل روٽي، ڪڻڪ جو اٽو ۽ ڪپڙن سميت 20 شين جا اگهه مستحڪم رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.