پاڪستاني ھاڪي ٽيم جو مئنيجر جھاز اندر سگريٽ پيئندي پڪڙجي پيو، آف لوڊ ڪري ڏنڊ هنيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي ٽيم جي مئنيجر انجم سعيد پرڏيهي دوري کان وطن واپسي دوران مبينا طور جهاز ۾ سگريٽ نوشي ڪندي پڪڙجڻ بعد آف لوڊ ڪيو ويو.
ذريعن موجب، ارجنٽينا کان وطن واپسي تي جهاز ٽرانزٽ لاءِ هڪ ٻئي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته واپسي دوران جهاز برازيـل ۾ ٽرانزٽ لاءِ بيٺو، جتي جهاز بيهڻ کانپوءِ انجم سعيد مبينا طور سگريٽ نوشي ڪئي.
ذريعن موجب، جهاز جي عملي شڪايت ڪئي، جنهن تي سيڪيورٽي عملي انجم سعيد کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ مئنيجر انجم سعيد ۽ هڪ رانديگر کانسواءِ باقي سموري اسڪواڊ وطن روانو ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انجم سعيد واري معاملي تي سموري اسڪواڊ گهڻي منٿ ميڙ ڪئي، پر سيڪيورٽي عملي ڪنهن جي نه ٻڌي ۽ سگريٽ نوشي بابت سخت قانون لاڳو ڪندي کيس آف لوڊ ڪيو.
انجم سعيد جو ردعمل
ٻئي پاسي انجم سعيد ان واقعي جي ترديد ڪئي آهي.
سندس چوڻ آهي ته اهڙو ڪو به واقعو پيش ناهي آيو، مان هڪ رانديگر سان گڏ واپسي دوران دبئي ۾ ڪم جي سلسلي ۾ ترسيو هئس.
واضح رهي ته قومي اسڪواڊ ٻه ڏينهن اڳ وطن پهچي چڪي آهي، جڏهن ته انجم سعيد ۽ هڪ رانديگر گذريل رات ڏيهه واپس آيا هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي اهلڪارن کيس تحويل ۾ وٺي مٿس ڏنڊ به هنيو، اثر رسوخ به استعمال ڪيو ويو، پر آخرڪار معاملو ڏنڊ تي ختم ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.