اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي آبي جارحيت تي پاڪستان طرفان باضابطا رابطو ڪيو ويو آهي.
آبي وسيلن واري وزارت موجب، سنڌ طاس لاءِ پاڪستاني ڪميشنر معاملو باظابطا طور ڀارت سامهون اُٿاري ڇڏيو ۽ چناب ۾ پاڻي جي غير معمولي گهٽتائي تي وضاحت طلب ڪئي وئي.
پاڪستان جو موقف آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت ڊيڊ اسٽوريج خالي ڪرڻ ممنوع آهي.
وزارت موجب 17 ڊسمبر کان چناب جي وهڪري ۾ نمايان بهتري شروع ٿي، آبپاشي کاتي طرفان چناب جي مسلسل نگراني جاري آهي. چناب ۾ غيرمعمولي گهٽتائي کان پوءِ وهڪري ۾ استحڪام آيو آهي.
آبي وسيلن واري وزارت جو چوڻ آهي ته مرالا وٽ چناب ۾ وهڪرو ٻيهر معمول تي اچي رهيو آهي، پر 10 کان 16 ڊسمبر تائين چناب ۾ گذريل 10 سالن جي تاريخي سطح کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ وهڪرو رڪارڊ ٿيو، جنهن دوران گهٽ ۾ گهٽ وهڪرو 870 ڪيوسڪ تائين پهتو.
Prev Post
You might also like