سمنڊ اندر ايشيا جو سڀ کان وڏو سون جو ذخيرو هٿ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين سمنڊ اندر ايشيا جو سڀ کان وڏو سون جو ذخيرو هٿ ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي خابرو واري اداري جي رپورٽ موجب، چين جو پهريون سمنڊ اندر سون جو ذخيرو شانڊونگ صوبي جي شهر يانتائي جي سمنڊ ڪناري ويجهو لائيزو واري علائقي ۾ دريافت ٿيو آهي.
هن دريافت کان پوءِ لائيزو ۾ ثابت ٿيل سون جا مجموعي ذخيرا 3903 ٽن تائين پهچي ويا آهن، جيڪي چين جي ڪُل قومي ذخيرن جو اٽڪل 26 سيڪڙو آهن.
يانتائي جي مڪاني حڪومت موجب، تازي دريافت کانپوءِ لائيزو چين ۾ سون جي ذخيرن ۽ پيداوار ٻنهي جي لحاظ کان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، پر اختيارين سمنڊ اندر هٿ آيل سون جي صحيح مقدار ۽ ماليت ظاهر ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.