اها ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته جسم ۾ پاڻيٺ جي موجودگي صحت لاءِ ضروري آهي پر نئين تحقيق ۾پاڻي پيئڻ جي فائدن تي روشني وڌي وئي آهي.
آمريڪي جي ڪيليفورنيا يونيورسٽي پنهنجي نوعيت جي انوکي تحقيق ۾ گهڻو پيئڻ پيئڻ جي ڪيترن ئي فائدن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ ڪجهه فائدا ته وري اهڙا آهن جن جي توهان کي خبر ئي نه هوندي.
ان تحقيق ۾ گذريل وقت ۾ ٿيل ارڙهن تحقيقن جو جائزو ورتو ويو آهي.
تحقيقي رپورٽن مان گهڻي قدر ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته گهڻي مقدار ۾پاڻي پيئڻ صحت لاءِ ڪيترن ئي فائدن جو سبب بڻبو آهي.
ان تحقيق ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته گهڻو پاڻي پيئڻ رڳو تازو توانو رکڻ ئي نه پر جسم کي صحتمند به رکندو آهي.
تحقيق موجب گهڻي پاڻي پيئڻ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو گڙدن ۽ گڙدن جي پٿري جي خطرن کان تحفظ ڏيندو آهي ان سان گڏ گهڻو پاڻي پيئڻ سان جسماني وزن ۾ وڏي حد تائين لاٿ آڻي سگهجي ٿي.
نه رڳو ايترو پر ان سان گڏ گهڻو پاڻي پيئڻ سان اڌ مٿي جو سور مطلب ته مائگرين ۽ پيشاب واري نالي جي سوڄ کان بچڻ ۾ به وڏي مدد ملي ٿي.
ماهرن موجب تحقيق ۾ اهڙو ڪو خاص طريقو اختيار نه ڪيو ويو هو جنهن ذريعي نتيجن جي مڪمل تصديق ٿي سگهي پر اهو ضروري طور تي واضح ٿئي ٿو ته گهڻو پاڻي پيئڻ صحت لاءِ ڪيترن ئي فائدن جو سبب بڻبو آهي.
هنن ٻڌايو ته اها ته پَڪ آهي ته ڊي هائڊريشن يا سوڪهڙو صحت جي لاءِ نقصانڪار آهي، خاص طور تي جنهن ماڻهن کي ڪجهه وقت اڳ پيشاب جي نالي جا مسئلا يا وري سوڄ ۽ گڙدن جي پٿري وغيره جو مسئلو ٿيو هجي.
تحقيق ڪندڙ ماهرن ٻڌايو ته هيءَ پهرين تحقيق آهي جنهن ۾ گهڻو پاڻي پيئڻ جا فائدن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. ارڙهن مان ڏهه تحقيقن ۾ گهڻو پاڻي پيئڻ جا فائدا ٻڌايا ويا آهن.
ان سان گڏ هنن اهو به ٻڌايو ته هر ماڻهو کي ڪيترو پاڻي پيئڻ گهرجي ان جو مقدار کي مقرر نٿو ڪري سگهجي ڇو ته هر ماڻهو جون گهرجون پنهنجون ۽ ٻين کان الڳ هونديون آهن.