وڏي وزير ڪراچي جي صنعتي ترقي ۽ بحالي لاءِ فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)وڏي وزير ڪراچي جي صنعتي ترقي ۽ بحالي لاءِ 9 ڏهائي 28 ارب رپين جي فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي جي صنعتي علائقن جي انفراسٽرڪچر بابت اجلاس ۾ مختلف منصوبن کي منظوري ڏني وئي.
اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته ميئر ۽ ڪمشنر جي مشاورت سان فنڊز منصفاڻي نموني ورهايا آهن، جنهن ۾ سائٽ لاءِ 2 ارب، ڪورنگي لاءِ 2 ارب ۽ لانڍي لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته نارٿ ڪراچي، ايف بي ايريا، سائٽ سپر هاءِ وي ۽ بن قاسم لاءِ پڻ رقم مختص ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.